12 ربيع الاول تي ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي تقريب ڪرائڻ جو اعلان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان 12 ربيع الاول تي ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي تقريب ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ 12 ربيع الاول جي تقريبن جي تيارين جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ وزيراعظم کي 12 ربيع الاول تي وفاقي تخت گاهه ۾ تيارين جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سڄي ملڪ ۾ 12 ربيع الاول ڏهاڙو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو ۽ تقريبون ٿينديون.

هن چيو ته 12 ربيع الاول تي اسلام آباد ۾ تقريب ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي تقريب هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.