عائشا اڪرم اعتراض جوڳيون ويڊيوز پاڻ ٺهرايون: وڏو انڪشاف

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) مينارِ پاڪستان تي عورت ٽڪ ٽاڪر کي هراسان ڪرڻ جي ڪيس ۾ هڪ ٻي اڳڀرائي سامهون اچي وئي ۽ عائشا اڪرم طرفان اعتراض جوڳيون ويڊيوز پنهنجي مرضيءَ سان ٺهرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

گريٽر اقبال پارڪ ڪيس ۾ ٽڪ ٽاڪر عائشا خلاف به گهيرو تنگ ٿي ويو ۽ پوليس جو چوڻ آهي ته عائشا اڪرم پنهنجي مرضيءَ سان اعتراض جوڳيون ويڊيوز ٺهرايون، جنهن تي ان خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پوليس اختيارين موجب مرضيءَ سان اهڙيون ويڊيوز ٺهرائڻ ۽ سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ ڏوهه آهي، پيڪا ايڪٽ تحت ريمبو ۽ عائشا کي 7 سال سزا ٿي سگهي ٿي.

واضح رهي ته ٽڪ ٽاڪر عائشا اڪرم ۽ سندس ساٿي ريمبو جي هڪ مبينا آڊيو ٽيپ سامهون آئي هئي، جنهن ۾ عائشا اڪرم ۽ ريمبو هڪٻئي سان ڳالهائيندي چون ٿا ته جوابدار 6 آهن يا 7، عائشا ريمبو کي چئي ٿي ته 6 جوابدار آهن، جن کي سڃاتو آهي.

آڊيو ٽيپ ۾ ريمبو عائشا کي چئي ٿو ته في مجرم ڪيترا پئسا وٺون؟ گهڻا ته غريب آهن، جنهن تي عائشا جواب ڏئي ٿي ته اهي ماڻهو ڏکيائين سان 5-5 لک گڏ ڪندا.

هوڏانهن ريمبو جي عائشا کي بليڪ ميل ڪرڻ جي آڊيو به ان جي موبائل مان هٿ ڪئي وئي هئي.

ريمبو عائشا کي سڀ ويڊيوز شيئر ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيندي چيو هو ته مان به مرندس ۽ توکي به ماريندس.

آڊيو سامهون اچڻ کانپوءِ حراست هيٺ جوابدار ريمبو کان پوليس پڇا ڳاڇا ڪئي ته هن آڊيو سچي هجڻ جو اعتراف ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.