امتياز شيخ گئس جي شديد بحران کان خبردار ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ به سياري ۾ گئس جي شديد بحران کان خبردار ڪري ڇڏيو.

واضح رهي ته ڊسمبر ۽ جنوري ۾ 8 ايل اين جي جهازن جي سپلاءِ جو عالمي ڪمپنين سان ڪو معاهدو ناهي ٿي سگهيو، جنهن سبب سياري ۾ وڏي گئس بحران جو خدشو آهي.

پيٽروليم ڊويزن موجب ڊسمبر ۽ جنوري ۾ 4،4 ايل اين جي ڪارگوز جي خريداري لاءِ 11 آڪٽوبر تائين ٻوليون طلب ڪيون هيون، اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته پاڪستان ايل اين جي لميٽيڊ کي ڪا به ٻولي وصول ناهي ٿي، ان جو سبب دنيا ۾ ايل اين جي جي وڌندڙ طلب ٿي سگهي ٿو.

ان حوالي سان ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي امتياز شيخ چيو ته ايل اين جي ٽرمينل نه آيا، وفاقي حڪومت جي ڏنل ٻولي تي سڄي دنيا مان هڪ به ڪمپني نه آئي، دنيا کي هاڻ وفاقي حڪومت تي اعتبار ناهي رهيو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته گئس جي متبادل طور هاڻ بجلي جي استعمال نه ٿي سگهندي.

هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت سياري ۾ گئس جي 15 ڪلاڪ ڊگهي لوڊشيڊنگ جو فيصلو ڪيو آهي، واهپيدارن کي 24 ڪلاڪن دوران رڳو 9 ڪلاڪ گئس ملندي.

ذريعن موجب گئس ڏينهن ۾ 3 ڀيرا 3-3 ڪلاڪن لاءِ دستياب هوندي، شيڊيول موجب نيرن، ٻي پهري ۽ رات جي کاڌي وقت پريشر سان گئس ڏني ويندي، جڏهن ته ٻين وقتن ۾ گئس پريشر ڊائون ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.