ماهرن صبح جو اٿڻ سان ٿڪاوٽ ۽ سستي جو سبب ڳولي ورتو

هر ماڻهو جي ننڊ جو وقت ٻئي ماڻهو کان مختلف هوندو آهي، عام طور تي هڪ شخص جي صحت لاءِ 7 کان 8 ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ صحيح آهي.

گهڻن ماڻهن ۾ اوچتو، شديد يا ڊگهي عرصي تائين بي خوابي ٿيندي آهي جيڪا ڪيترن ئي ڏينهن يا هفتن تائين رهندي آهي، ائين عام طور تي پريشاني يا تڪليف ڏيندڙ واقعن جي نتيجي ۾ ٿيندو آهي.

ڪڏهن ڪڏهن ته ائين ٿيندو آهي ته توهان سڄي رات ننڊ ڪرڻ کانپوءِ جڏهن صبح جو اٿندا آهيو توهان ٿڪل ٽٽل ۽ سست محسوس ڪندا آهيو.

ماهرن ان جو سبب ڳولي ورتو آهي جن جو چوڻ آهي ته ان جو سبب توهان جي ننڊ جو معيار بهتر نه هجڻ آهي.

ان جو مطلب اهو هوندو آهي ته توهان پنهنجي ننڊ جي آخري چڪر جي وچ ۾ ئي جاڳي پيا آهيو، چڪر جي وچ ۾ ننڊ جي گهرائي جو وقت هوندو آهي، تنهن ڪري ان وقت ننڊ مان اٿڻ سان توهان سڄو ڏينهن ٿڪل ۽ سست رهندا آهيو.

سڄي رات ننڊ جا ڪيترائي چڪر هوندا آهن، چڪر جي شروعات هلڪي ننڊ سان ٿيندي آهي ۽ پوءِ گهري ننڊ مان ٿيندي ٿيندي ماڻهو واپس هلڪي ننڊ ڏانهن ايندو آهي.

جيڪڏهن توهان ان هلڪي ننڊ جي وقت دوران جاڳو ٿا ته توهان چست ۽ تازا رهندا.

ماهرن جو چوڻ آهي ته عام طور تي ننڊ پنهنجا چڪر پورا ڪندي آهي ۽ گهڻا ماڻهو آخري چڪر جيڪو گهري ننڊ جو وقت هوندو آهي ان جي وچ واري وقت ۾ جاڳي پوندا آهن جنهن جي ڪري انهن کي سجاڳ ٿيڻ کانپوءِ ٿڪاوٽ ۽ سستي محسوس ٿيندي رهندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.