سنڌ جي يونيورسٽين جي حالت خراب، پ پ جو تحريڪ انصاف تي الزام

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي يونيورسٽين بابت وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته تحريڪ انصاف حڪومت اچڻ کانپوءِ سنڌ جي يونيورسٽين جي حالت خراب آهي.

پنهنجي بيان ۾ اسماعيل راهو چيو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن سنڌ جي يونيورسٽين جي گرانٽ اڌ ڪري ڇڏي آهي، گرانٽ گهٽ ٿيڻ سان سنڌ جون يونيورسٽيون سخت مالي بحران جو شڪار آهن.

هن چيو ته مهانگائي ۽ پگهارن ۾ واڌ سان يونيورسٽين جا خرچ ٻيڻا ٿي ويا آهن، وفاقي حڪومت گرانٽ گهٽائي يونيورسٽين لاءِ بحران پيدا ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته وفاق يونيورسٽين کي پيرن تي بيهارڻ لاءِ بجيٽ ۾ واڌ ڪري، سنڌ حڪومت 6 ارب رپين جي گرانٽ يونيورسٽين لاءِ رکي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.