ٻارن کي خطرناڪ بيماري کان بچائيندڙ هڪ سبزي

صحمتمند، بيمارين کان پاڪ ننڍپڻ ئي مضبوط نوجوان جو بنياد هوندو آهي، ان حوالي سان ٻارن جي صحت لاءِ هونئن ته ڪافي گهڻيون شيون سٺيون آهن پر هڪ اهڙي به سبزي آهي جنهن جا ٻارن جي صحت تي ايترا ته اثر پئجي سگهن ٿا جيڪي هنن کي جواني يا پيري تائين فائدو ڏيندا رهندا.

ٻارن ۾ سڀ کان عام بيماري اينيميا مطلب رت جي کوٽ هوندي آهي جنهن کي گهٽائڻ لاءِ قدرتي ۽ قيترن ئي فائدن سان ڀرپور چقندر تمام گهڻو فائديمند آهي.

چقندر ۾ پوٽاشيم، ڪيلشيم، ميگنيشيم ۽ آئرن ڀرپور مقدار ۾ موجود هوندي آهي.

چقندر پنهنجي تِکي ۽ چهري ذائقي جي ڪري گهڻي قدر گهٽ پسند ڪيو ويندو آهي، چقندر جو گهڻي قدر استعمال سلاد ۾ ڪيو ويندو آهي جڏهن ته ان جو جوس پيئڻ ۾ تمام سولو ۽ فائدن جي حوالي سان حيران ڪندڙ هاڪاري نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو آهي.

ماهرن موجب چقندر ننڍن ٻارن جي صحت لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي ڇو ته انهن جي واڌ ويجهه ئي سُٺي ۽ صحتمند ٿيندي ته ٻارن جي جواني ۽ وڏي عمر ۾ به صحت بابت مسئلا گهٽ ٿيندا.

چقندر نه رڳو ٻارن پر وڏن لاءِ به اوترو ئي فائديمند آهي پر ٻارن جي صحت تي تڪڙا اثر ڇڏيندو آهي ۽ انهن ۾ فوري طور تي خاص ڪري رت ٺاهڻ جو عمل شروع ڪندو آهي.

چقندر هر عمر جو ماڻهو کائي سگهي ٿو ڪيميائي دوائن کي ٻارن کي بچائڻ جي لاءِ ۽ رت جي کوٽ پوري ڪرڻ جي لاءِ چقندر بهترين علاج آهي ڇو ته ننڍا ٻار اڪثر ڪري چٽ پٽيون ۽ تريل شيون کائيندا رهندا آهن جنهن سبب انهن کي بُک گهٽ لڳندي آهي اهو ئي سبب آهي جو انهن ۾ رت جي کوٽ پيدا ٿي ويندي آهي جيڪا ڪجهه وقت ۾ وڏو مسئلو بڻجي سگهي ٿي.

آئرن جي کوٽ دوران ٻار مٽي کائڻ شروع ڪري ڏيندا آهن ۽ ٻيو ته انهن کي بُک گهٽ لڳندي آهي، تنهنڪري ٻارن کي مٽي کائڻ جي عادت ڇڏائڻ ۽ بُک وڌائڻ لاءِ چقندر جو استعمال ڪرايو وڃي.

ٻارن کي چقندر کارائڻ بدران انهن کي انجو جوس پيئاريو وڃي، چقندر جو جوس وڏي عمر وارن لاءِ بلڊ پريشر کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڏيندو آهي، دل جي صحت بهتر بڻائيندو آهي ۽ شريان بند ٿيڻ جي شڪايت کي به ختم ڪندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.