سون کي پَر لڳي ويا، 10 گرام سون لک کان مٿي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون مهانگو ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ مسلسل ٻئي ڏينهن سون اگهن ۾ وڏي واڌ ٿي آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ اڄ 700 رپيا واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 16 هزار 700 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 600 رپيا مهانگو ٿي هڪ لک 51 رپين جو ٿي ويو آهي، ائين ملڪ ۾ 10 گرام سون وري لک رپين کان وڌي ويو.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 8 ڊالر واڌ سان هڪ هزار 771 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.