گهوٽڪي:ميمڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾جهيڙو،حملي ۾ 2عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي

گهوٽڪي جي ريلوي اسٽيشن ڀرسان ميمڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي معاملي تان ٻيهر جهڙو ٿي پيو، جنهن دوران هڪ ڌر پاران حملو ڪري ٻن عورتن سميت 5 ڄڻن کي زخمي ڪيو ويو، متاثر ميمڻ برادري جي عبدالرحيم ميمڻ , غلام مصطفئ ميمڻ , الهوڌايو , عاشق علي ميمڻ , مائي زينت ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان جو سجاد علي ميمڻ وارن سان جهيڙو هلندڙ آهي , جڏهن ته ڪورٽ جي حڪم تحت اڄ روينيو عملدارن ۽ گهوٽڪي پوليس جي نگراني ۾ ماپ ٿي رهي هئي ته سجاد علي , جاويد علي اعجاز علي پنهنجي هٿيار بندن سان گڏجي اسان تي حملو ڪري عورتن تي تشدد ڪيو , ۽ اسان کي زخمي ڪري وڌو , جڏهن ته حملي دوران گهوٽڪي پوليس جا اهلڪار ڏسندا رهيا , هنن چيو ته سجاد ميمڻ وارا ڪورٽ جي حڪم باوجود مائي خيران جا 2 ويسا ڦٻائڻ چاهين ٿا , ان موقعي تي متاثر ڌر چيف جسٽس , سيشن جج گهوٽڪي ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته حملو ڪندڙ جوابدارن ۽ حملي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري  تحفظ ڏنو وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.