ڪوٽڙي:منشيات فروشن جي سرپرستي ۽ ڀتو وٺڻ جوالزام،7اهلڪارمعطل،جاچ جو حڪم

منشيات فروشن جي سرپرستي ۽ کانئن ڀتو وصول ڪرڻ جي رپورٽ تي ڄامشورو پوليس جا 7 اهلڪار معطل ڪري سندن خلاف انڪوائري جو حڪم ڏنو ويو آهي، ڊي آء جي حيدرآباد جي اسپيشل برانچ جي رپورٽ جي آڌار تي ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ پاران اهڙي ڪاروائي ڪندي منشيات فروشن کان ڀتي جي نالي تي وڏي رقم وصول ڪرڻ جي الزام هيٺ  آربي بي ڪالوني ڄامشورو پوسٽ انچارج شفيع محمد شاه، ڪوٽڙي ٿاڻي جي وڏي منشي ولي محمد جتوئي، مانجهند ٿاڻي جي اهلڪار حميد پنهور، پوليس لائين جي اهلڪار امان الله، ٿيٻاٽ ٿاڻي جي محبوب علي، ڀان ٿاڻي جي صفير ميمڻ ۽ ڄامشوري ٿاڻي جي شمن برفت کي معطل ڪري سندن خلاف انڪوائري ڪرڻ لاء ڊي ايس پي ايڊمن فاروق لاکير جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي،  ڪميٽي کي ستن ڏينهن ۾ رپورٽ ڏيڻ جو چيو ويو آهي، ذريعن موجب اسپيشل برانچ جي رپورٽ ۾ چيل آهي ته ڄاڻايل اهلڪار منشيات فروشن جي سرپرستي ڪرڻ سان گڏ منشيات وڪرو پڻ ڪن ٿا جڏهن ته کين ڪجھ پوليس آفيسرن  جي سرپرستي پڻ حاصل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.