ڏھرڪي ، کهڙا ، ٽنڊوغلام حيدر ، کاڻوٺ ۽ ڪنڌرا جون خبرون

ڏھرڪي:اينگرو فرٽيلائيزرڪمپني جي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جاري

کهڙا ۾ بزرگ هستي مخدوم شفيع محمد هاشمي جو ساليانو عرس

ٽنڊوغلام حيدر ٽائون جي ملازمن پاران پگهارون نه ملڻ خلاف بک هڙتال جاري

کاڻوٺ: بوائز پرائمري اسڪول ۾ ھڪ سال کان استاد مقرر نه ٿيڻ خلاف مظاهرو،ڌرڻو

ڪنڌرا: سردارزوارزاھد خان ڦلپوٽو جو ڦلپوٽا برادري ڏانھن خاص دورو

1

ڏھرڪي اينگرو فرٽيلائيزر ڪمپني جا ملازم پنھنجي حقن خاطر پنجن ڏينھن کان سراپا احتجاج آهن، انتظاميا جي ڪن تي جونءَ به نه چري، سنڌ حڪومت پاران 25 سيڪڙو پگھار وڌائڻ واري اعلان تي عمل نه ٿيڻ خلاف اينگرو فرٽيلائيزر ڪمپني جي سوين ملازمن پاران رانجھن سميجو جي اڳواڻي ۾ فرٽيلائيزر ڪمپني جي لوڊنگ گيٽ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو جاري رکيو ويو، ڌرڻي سبب لوڊنگ لاءِ آيل ڪيتريون ئي گاڏيون ڪمپني جي اندر توڙي ٻاھر بيھجي وڃڻ سبب ڊرائيور سخت مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ لڳا ، فرٽيلائيزرانتظاميا مزدورن سان ڳالھيون ڪرڻ بدرانِ خاموش تماشائي بڻيل رهي، ايس ايڇ او ڏھرڪي اطهر چنو ڪمپني جو وانگارو بڻجي ويو، ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ رانجھن سميجو کي لڳايل ڌرڻو ختم نه ڪرڻ تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري پوليس کان ھاف فراءِ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ لڳو.

2

کهڙا ۾ بزرگ هستي مخدوم شفيع محمد هاشمي جو ساليانو عرس وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو.درگاه مخدوم شھيد عبدالرحمان هاشمي جي سجاده نشين مخدوم نديم هاشمي مريدن سان گڏجي مزار تي چادر چاڙھي عرس جي تقريب جو افتتاح ڪيو. درگاه مخدوم شھيد عبدالرحمان هاشمي جي 30 هين سجادھ  نشين مخدوم شفيع محمد ھاشمي  جي 50 ھين سالياني عرس مبارڪ جي تقريب ۾ درگاه جي موجوده سجاده نشين مخدوم نديم هاشمي. سيد نورالهدي’ شاه. سيد طارق شاه. ناليواري ليکڪ شاعر عبدالرزاق اڄڻ خاص مهمانن طور شرڪت ڪئي. عرس جي موقعي تي محفل نعت ۽ عيد ميلاد النبي جو جلسو پڻ ڪرايو ويو جنهن ۾ ناليوارن نعت خوانن حضور بخش گلال. مرتضي’ گلال. ربڏني ميمڻ ۽ ٻين ثنا خواني ڪئي .

03

ٽنڊوغلام حيدر ٽائون جي ملازمن کي اڃان تائين رهيل پگهارون جاري نه ٿي سگهيون،  16 ڏينهن کان مسلسل بک هڙتالي ڪئمپ تي ويٺل ملازمن جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا،تڪ جي چونڊيل نمائيندن توڙي بيحس انتظاميا ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ اڳڀرائي نه ڪئي، جڏهن ته تعلقي ايس ٽي پي صدرعبدالله خان اعواڻ جي اڳواڻي ۾ پير عظيم شاھ،کمن لاکو ۽ ٻين بک هڙتالين سان ٻڌي جو اظهار ڪيو ،ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل 16 ڏينهن کان ملازم پنهنجي جائز حقن لاءِ احتجاج تي ويٺل آهن پر هتان جي بيحس انتظاميا توڙي تڪ جي چونڊيل نمائيندن جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري، هنن مطالبو ڪيو ته ملازمن جون جلد پگهارون جاري ڪري کين فاقاڪشي کان بچايو وڃي.

4

کاڻوٺ بوائز پرائمري اسڪول ۾ ھڪ سال کان  استاد مقرر نه ٿيڻ خلاف شھرين پاران اسڪولي ٻارڙن سميت تعليم جو جنازو ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري تعليم کپي تالا نه کپن جي نعريبازي ڪري اسڪول گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو ، ان موقعي غلام حسين ملاح نور محمد شاه عبدالڪريم گوپانگ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت کاڻوٺ جي بوائز پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر ڪرڻ نه  ھئڻ سبب اسڪول ھڪ سال کان بند پيل آهي جنھن سبب 300 کان مٿي ٻارڙا تعليم جهڙي زيورکان محروم آهن، هنن مطالبو ڪيو ته استاد مقرر ڪري بند پيل تعليمي عمل شروع ڪرايو وڃي.

5

ڪنڌرا لڳ ڳوٺ ابيلوءِ ۾ سردار زوارزاھد حسين خان ڦلپوٽو ڦلپوٽا برادري ڏانھن خصوصي دوري تي پھچي ويو سردار زاھد حسين ڦلپوٽو جو سوين ماڻھن ڪنڌرا گيٽ عابد حسين ڦلپوٽو جي اڳواڻي ۾ گلن جي ورکا سان استقبال ڪيو ۽ پوليس سيڪيورٽي ۾ ابيلوءِ تائين پھچايو ،سردار زاھد حسين خان ڦلپوٽو نيشنل پريس ڪلب ڪنڌرا به پهتو جتي هن صحافين پاران سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته اسلام امن ۽ صبر جو درس ڏئي ٿو،اسان کي گھرجي تہ انسان ذات سان محبت ڪريون، هن چيو ته خدمت خلق اسان پنھنجي عبادت سمجھون ٿا،  الله جي محبوب ۽ اصحاب رسول پاڪ بہ محبت جو درس ڏنو آھي،  قبائلي ۽ قومي جھيڙا انسان جو نسل تباھ ڪندا آھن انھن جھيڙن جي ور چڙھي انسان برباد ٿيندو آھي ان لاءِ صبر کان ڪم وٺڻ گھرجي. هن وڌيڪ چيو تہ ملڪ جي حفاظت ۾ اسان جي ميڊيا جو تمام وڏو ڪردار آھي . .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.