آريان جي گرفتاري جا باليووڊ ستارن جي زندگين تي خطرناڪ اثر

ڀارتي اداڪار ڪمال راشد خان عرف ڪي آر ڪي باليوڊ جي ستارن جي زندگي جي حوالي سان وڏي دعويٰ ڪئي آهي.

ڪي آر ڪي ٽوئيٽر تي پيغام جاري ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته انهن جي ويجهي ذريعن موجب ڪيترن ئي شوبز شخصيتن جي ٻارن شاهه رخ خان جي پُٽ آريان خان جي واقعي کانپوءِ ڀارت ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هن وڌيڪ لکيو ته باليووڊ ستارن جي اولاد اهو سوچي رهي آهي ته جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه آريان خان سان ٿي رهيو آهي ته ائين سڀني سان ٿي سگهي ٿو.

ٽوئيٽر واهپيدارن جي وڏي انگ ڪمال راشد جي ان ٽوئيٽ جي حمايت ۽ باليووڊ ستارن جي اولاد کي اهو ئي مشورو ڏنو ته هو ڀارت ڇڏي وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.