نوڪيا جي ٻن ڏينهن تائين چارج نه ٿيندڙ سستي فون متعارف

نوڪيا جو نئون ۽ طاقتور بيٽري وارو سستو ترين 5 جي سمارٽ فون نوڪيا جِي 300 متعارف ڪرايو ويو آهي.

ان حوالي سان ايڇ ايم ڊي ڪمپني جو چوڻ آهي ته ان فون جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان جي بيٽري ٽائمنگ ٻن ڏينهن تائين جي آهي.

انکان سواءِ نوڪيا جي پراڻي ٽيڪنالاجي جهڙي آڊيو جيڪ، ريڊيو انٽينا ۽ اين ايف سي کي برقرار رکيو ويو آهي جڏهن ته اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم ڊيوائس جو حصو آهي.

فون جو بيڪ ڪيميرا سيٽ اپ به گهڻو بهتر آهي جنهن ۾ 3 ڪيميرائون ڏنيون ويون آهن.

فون ۾ 16 ميگا پڪسل جي مک ڪيميرا ۾ وڏو آپرچر (1.8) ڏنو ويو آهي جنهن سان گڏ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ ۽ 5 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ڪيمرا موجود آهي.

حيران ڪندڙ طور تي اها فون 60 فريم في سيڪنڊ سان 1080 پي ويڊيو ريڪارڊ ڪري سگهي ٿي جڏهن ته هٿن جي قدرتي لرزش کي گهٽائڻ جي لاءِ اليڪٽرونڪ اميج اسٽيبلائيزيشن جو فيچر به ان سيٽ اپ جو حصو آهي.

واضح رهي ته اها فون سڀ کان اڳ آمريڪي ۾ وڪري جي لاءِ پيش ڪئي ويندي جنهن جي قيمت 199 ڊالر(34 هزار پاڪستاني رپين کان مٿي) هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.