الخدمت فائونڊيشن طرفان افغانين جي مدد لاءِ امدادي سامان موڪليو ويو

لاهور (پ ر) الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جنگ متاثر افغان ڀائرن جي مدد لاءِ ميدان ۾ اچي وئي، پشاور شهر مان اٽو، چانور، داليون، بسڪوٽ ۽ ٻين کائڻ پيئن وارين شين تي  مشتمل 120 ٽن امدادي سامان جي پهرين گيپ رواني ڪري ڇڏي، سامان انگور اڏا کان بارڊر عملدارن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪو افغان علائقي پڪتيڪا پهچايو ويندو، سامان موڪلڻ جي موقعي تي صدر الخدمت فائونڊيشن، محمد  عبدالشڪور چيو آهي ته الخدمت پنهنجي  مظلوم ۽ مجبور افغان ڀائرن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ  پرعزم آهي، ان موقعي تي سيڪريٽري جنرل شاهد اقبال ، شاڪر صديقي ارباب  عبدالحسيب ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.