حيدرآباد ۾ شگر ملن مان پورهيتن جي نيڪالي خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر)سنڌ حڪومت جي مشھور ۽ معروف ايم پي اي سڪرنڊ شگر مل قاضي احمد ضلي شهيد بينظير آباد جي انتظاميا پاران يونين ملازمن کي انقامي ڪارروائي ڪندي نوڪرين تان نيڪالي ڏيڻ خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ڪامريڊ اقبال، محمد جمن ڏاهري، غلام قادر ڪيريو، غلام قادر انڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته 3 سالن جي ٽارچر آف ڊمانڊ پيش ڪرن تي ملازمن مٿان من گهڙت ۽ ڪوڙا الزام هڻي غريب ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو ڪيس ليبر ڪورٽ ۾ داخل ڪرايو آهي پر ڪڏهن ڪهڙو صاحب ڪونهي ته ڪڏهن ڪهڙو صاحب ڪونهي ان سبب ڪيس نه هلي رهيو آهي جنهن سبب سخت پريشان آهيون ته عدالتون ڪٿي آهن، هنن چيو ته انتظاميه ڪنهن به قانون کي مڃڻ لاءِ تيار نه آهي ملازم گهرن ۾ فاقاڪشي تي مجبور ٿي ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته نيڪالي ڏنل ملازمن کي بحال ڪري انهن سان انصاف ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.