”داعش لاءِ اڪيلائي ئي ڪافي آهيون، ٻين جي مدد نه گهرجي“

دوحا (ويب ڊيسڪ) قطر ۾ طالبان جي سياسي آفيس جي اڳوڻي ترجمان ۽ گڏيل قومن ۾ افغانستان جي سفير سهيل شاهين چيو آهي ته دوحا ڳالهين ۾ افغان پرڏيهي وزير آمريڪي وفد کي افغان سرزمين ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال نه ٿيڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

قطر جي گادي واري هنڌ دوحا ۾ افغان طالبان ۽ آمريڪي وفد جي وچ ۾ ٻن ڏينهن جون ڳالهيون ٿيون اهي ڳالهيون 9 ۽ 10 آڪٽوبر تي ٿيون.

آمريڪي صحافين سان ڳالهائيندي سهيل شاهين چيو ته اسان پنهنجي زمين ڪنهن تي به حملي جي لاءِ استعمال نه ٿيڻ ڏينداسين.

هن داعش خلاف ڪارواين ۾ آمريڪي سهڪار کي رد ڪندي چيو ته داعش جي خلاف ڪاروائي جي لاءِ اسان کي ڪنهن به ملڪ جي مدد نه گهرجي اسان پاڻ دهشتگرد حملن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.