تاريخ ۾ پهريون ڀيرو برطانيا جي مسجد انعام لاءِ نامزد

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانيا جي سڀ کان وڏي مسجد آرڪيٽيڪٽ ايوارڊ اسٽرلنگ پرائز جي لاءِ پهريون ڀيرو نامزد ٿي آهي.

ڪيمبرج سينٽرل مسجد ڪاٺي جي ڌانچي تي تيار ڪئي وئي آهي، اها مسجد سبز توانائي تي وڌيڪ ڀاڙڻ واري يورپ جي پهرين ماحول دوست يا ايڪوفينڊلي مسجد آهي.

مسجد جو ڊيزائن اسلامي ۽ انگريزي تعميراتي روايتن جي حَسين امتراج آهي، ان مسجد جي تعمير تي لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ برطانوي پائونڊ خرچ ٿيا آهن.

مسجد ۾ هڪ هزار ماڻهو هڪ ئي وقت نماز ادا ڪري سگهن ٿا، ان مسجد کي 24 اپريل 2019 تي عوام جي لاءِ کوليو ويو هو.

بهترين تعميري فن جي ڪري مسجد کي اسٽرللنگ پرائز جي لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي، انعام جو اعلان 14 آڪٽوبر تي ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.