پردي جون پابند عورتون، ساٿياڻي عورت تي سخت تشدد

ڪاهرا(ويب ڊيسڪ)مصر ۾ هڪ عورت فارماسسٽ کي ساٿياڻي عورتن طرفان تشدد ڪرڻ جي وڊيو سامهون آئي آهي.

اهو واقعو مصر جي صوبي الشرقيا ۾ پيش آيو جتي هڪ طبي مرڪز ۾ عورت فارماسسٽ ايزيس مصطفيٰ تي سندس ئي ساٿي عورتن برقعو نه پائڻ تي تشدد ڪيو آهي.

ان حوالي سان سامهون آيل وڊيو ۾ ٻن عورتن کي هڪ عورت تي تشدد ڪندي ڏسي سگهجي ٿو جڏهن ته هڪ مرد بچ بچا جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

جڏهن ته ان واقعي کانپوءِ هڪ انٽرويو ۾ ايزيس مصطفيٰ ٻڌايو ته حجاب نه ڪرڻ تي عورتن تشدد جو نشانو بڻايو.

عرب ميڊيا اکين ڏٺن شاهدن جي حوالي سان ٻڌايو ته ايزيس کي پاڻ سان گڏ ڪم ڪندڙ عورتن طرفان وڏي عرصي کان خراب رويي سان منهن ڏيڻو پوندو هو ۽ عورتن کي ايزيس جي حجام نه ڪرڻ ۽ ان جي ڊريسنگ جي حوالي سان اختلاف رهندا هئا.

جهيڙي واري ڏينهن ايزيس کي حاضري واري رجسٽر ۾ صحيح ڪرڻ کان روڪيو ويو جنهن تان معاملا جهيڙي تائين وڃي پهتو.

سوشل ميڊيا تي مصر جي عوام طرفان اهڙي واقعي تي سخت ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو پيو وڃي ۽ مطالبو ڪيو پيو وڃي ته واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي.

فارماسسٽ عورت پنهنجون ٻيون تصويرون به شيئر ڪيون آهن جن ۾ ان جي جسم تي تشدد جا نشان واضح نظر اچي رهيا آهن.

الشرقيا صوبي جي گورنر ممدوح غراب ايزيس مصطفيٰ کي ملاقات ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي ته جيئن هو اهڙي واقعي تي کانئس معافي وٺي سگهي.

ان سان گڏ گورنر واقعي جي جاچ ۽ قانوني قدم کڻڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.