افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت اچڻ سان امن بحاليءَ جو عالمي سطح تي به اعتراف

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت اچڻ کانپوءِ امن بحاليءَ جو عالمي سطح تي به اعتراف ٿيڻ لڳو.

افغان طالبان حڪومت جو ڪنٽرول سنڀالڻ کانپوءِ خاطري ڪرائي هئي ته ملڪي سرزمين ڪنهن جي به خلاف استعمال نه ٿيندي ۽ سڀني کي پنهنجا حق ڏنا ويندا.

طالبان جي اچڻ کانپوءِ عوام ۾ خوف جي لهر ڇانيل هئي، جيڪا آهستي آهستي ختم ٿي ۽ افغانستان ۾ حالتون معمول تي اينديون ويون.

افغانستان مان نڪرڻ کانپوءِ آمريڪا ۽ طالبان ۾ پهريون ڀيرو ڳالهيون دوحا ۾ ڳالهيون پڻ ٿيون هيون، جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

طالبان جي حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ افغانستان ۾ امن بحال ٿيڻ لڳو آهي، جنهن جو اعتراف آمريڪي اخبار پڻ ڪيو آهي.

وال اسٽريٽ جنرل موجب طالبان حڪومت ۾ افغان شهري پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃڻ لڳا آهن، ماڻهو بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي آزادي سان چرپر ڪرڻ لڳا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.