ميروخان:ٽائون ڪاميٽي ۾ ٽائون آفيسر ۽ ملازمن جو تڪرار تيز،تالابندي،احتجاج

ٽائون ڪاميٽي ميروخان ۾ ملازمن جي پگھارن جي ڪٽوتي واري معاملي تان شروع ٿيل تڪرار وڌيڪ تيز ٿي ويو آھي ملازمن طرفان ٽائون آفيسر شڪيل احمد وسطڙو خلاف آفيس جي تالابندي ڪري ٽائون آفيس جي مين گيٽ وٽ احتجاج ڪندي سخت نعريبازي ڪئي وئي آھي، ان موقعي تي ٽائون ملازمن جي اڳواڻن جاويد احمد مگسي عبدالمجيد شيخ عامر الرحمن مگسي جاويد مگسي سيد غيور علي شاھ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته جڏھن کان ٽائون آفيسر شڪيل احمد وسطڙو مقرر ٿيو آھي ان ڏينھن کان ملازمن سان ناجائزين جو سلسلو تيز ٿي ويو آھي ،ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته ھر مھيني ٽائون جي ملازمن جي پگھارن مان ھزارين روپيا ناجائز ڪٽوتي ڪئي ٿي وڃي جنھن جي خلاف احتجاج ڪرڻ جي ڏوھ ۾ 45 ملازمن جي پگھار بند ڪئي وئي آھي جڏھن ته ٽائون ملازمن کي 20 سيڪڙو واڌ به نٿي ڏني وڃي  ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته جيسيتائين اسان جي جائز مطالبن 45 ملازمن جي بند ٿي پگھار جاري ڪري ڊيوٽيون ڪندڙ ملازمن کي 10 سيڪڙو واڌ ۽ ٽائون آفيسر مان ويزا سسٽم کي ختم ڪري ملازمن سان ٿيندڙ ناجائزين جو سلسلو بند نه ٿيندو تيسيتائين اسان جو احتجاج جاري رھندو، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ٽائون آفيسر شڪيل احمد وسطڙو  چيو ته هن تي سمورا الزام بي بنياد آھن ،هن ڊيوٽي ڪندڙ ڪنھن به ملازم جي پگھار بند ۽ ڪاٽي ناهي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.