عادلپور:5 ڏينهن اڳ قتل ٿيل 2 ڄڻن جي وارثن پاران قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاهرو

عادلپور  لڳ ڳوٺ دوست محمد بلو ۾ پنج  ڏينهن قتل ٿي ويل ٻن ڄڻن جي قاتلن جي گرفتاري لاء وارث عورتن ۽ ٻارڙن پاران احتجاج ڪيو ويو، ڳوٺ دوست محمد بلو جي رهواسين  غلام محمد بلو، مٺل بلو، مسمات سوهاڳڻ بلو،  مسمات حميده بلو  ۽ ٻين احتجاج ڪندي الزام لڳائيندي چيو ته علائقي جي بااثر هٿياربندن حملو ڪري اسان جا ٻه ڪونڌر گلزار احمد بلو۽ خميسو عرف خان محمد کي بيدردي سان فائرنگ ڪري  قتل ڪيو آهي ، ھنن چيو ته  ھٿياربندن جي  پنھنجي ئي فائرنگ ۾ سندن  ساٿي  به قتل ٿي ويو ھو  جنهن جو الزام اسان مٿان لڳايو ويو آھي، ھنن چيو ته بي سيڪشن گھوٽڪي پوليس بااثرن کي بچائڻ چاهي ٿي،اسان جي خونن جو ڪيس گهوٽڪي  جي  بي سيڪشن ٿاڻي  تي داخل هجڻ باوجود هن مهل تائين پوليس ڪا به گرفتاري ناهي ڪئي پر اڃان پوليس بااثرن جي وانگارو بڻجي لاش کڻڻ لاء ويل  اسان جي جوان کي بيڏوهي  گرفتار ڪري کڻي وئي،  هنن  وزير اعلي سنڌ،  آء جي سنڌ،  ڊي  آء جي سکر ،ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته   بااثرن خلاف قانوني  ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.