گهوٽڪي:حڪومت تاريخي ڳوٺ پئي ڊاهي،عوام سجاڳ ٿئي:اڳواڻ ايڪشن ڪميٽي

گهوٽڪي ۾ بحريه ٽائون منصوبي سميت زمينن ۽ وسيلن تي قبضن خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران جلسو ڪيو ويو، ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن جي گهوٽڪي پهچڻ تي گلن جي ورکا ڪرڻ بعد کين اجرڪ اوڍايا ويا، پريس ڪلب ٻاهران سنڌ ايڪشن ڪميٽي جلسي کي خطاب ڪندي زين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت بلڊرز ذريعي ڪراچي ۽ ان جي ڀرپاسي توڙي حيدرآباد تائين تاريخي ڳوٺ ڊاهي رهي آهي، شهري ترقي جي آجيان ڪيون ٿا، پر اها ترقي تاريخي ڳوٺ ڊاهي نه ٿيڻ گهرجي، حڪومت اهي علائقا ڌارين لاءِ ٺاهي رهي آهي،سنڌ جي اهڙي اهم معاملي تي جڏهن وفاق بچاءُ نه ڪري سگهي ۽ سنڌ سرڪار پاران ڌرتي کي وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي، تڏهن اسان سنڌي ماڻهن وٽ ويا آهيون، ڇاڪاڻ ته اڳ به سنڌي ماڻهن پاڻي ۽ جاگرافيائي صورتحال کي بچايو آهي،رياض چانڊئي چيو ته 6 جون کانپوءِ ڪوڙا ڪيس، تشدد،  قومي ڪارڪنن جون گرفتاريون ۽ سرڪار پاران ڳوٺن تي قبضن جو سلسلو وڌائڻ کانپوءِ سنڌ جي ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ لاءِ مهم شروع ڪئي آهي، 30 آڪٽوبر تي سکر ۾ تاريخي احتجاج ڪيو ويندو، هن چيو ته زمينن تي قبضن جو سلسلو بند ڪري  افغانين سميت ٻين غيرملڪين کي ٻاهر ڪڍيو وڃي، ايس ٽي پي اڳواڻ گلزار سومرو چيو ته سنڌ جا غيرتمند ماڻهو پ پ سان نه پر سنڌ جي سڄڻن سان گڏ آهن، آصف زرداري جي حڪومت ماڻهن کي تباهه ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.