12 ربيع الاول جي ڪري 18 آڪٽوبر واروجلسو 17 تي رٿيو ويو آهي:شهلا رضا

سنڌ جي عورتن جي ترقي ۽ ڀلائي واري صوبائي وزير شهلا رضا چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو حياتي ۾ محسوس ڪيو هو ته جيڪي ماڻهو آمر مشرف جي ويجهو آهن اهي ئي سندس خلاف سازشن ۾ شامل آهن, سندس شهادت کانپوء جن جي بينظير ڀٽو نشاندهي ڪئي هئي, انهن جي مختلف ادارن جاچ ڪئي ته چوڌري پرويز الاهي ۽ ٻين کي ڪليئر قرار ڏنو ويو هو، ھن وڌيڪ چيو ته  هن ملڪ ۾ ڊاڪٽر قدير سان ڇا نه ڪيو ويو هن رخصت کان اڳ خط به سنڌ جي وڏي وزير کي لکيو هو، پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪند هن چيو ته 27 ڊسمبر سانحي بابت فيڪٽ فائنڊنگ مشن انهن کي ڪليئر قرار ڏنو ته پوء اسان ملڪ کي اڳتي وڌائڻ لاء ذاتي دشمني نٿا چاهيون, هن چيو ته 18 آڪٽوبر وارو جلسو 12 ربيع الاول جي ڪري 17 آڪٽوبر تي رٿيو ويو آهي، سندس چوڻ هو ته بيبي شهيد جي وڃڻ کانپوءِ هنن سمجهو ته پ پ ختم ٿي وئي پر اها اڄ به سندس فرزند جي اڳواڻي ۾ زنده آهي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.