ڄامشورو ، کپرو ، ڪوٽڙي ، ٽنڊوغلام حيدر ۽ قمبر جون خبرون

ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي پاران فيسن ۾ واڌ خلاف شاگردن جي ريلي، ڌرڻو

کپرو ۾ بيوهه پيرسن عورت پاران اسٽامپ وينڊر خلاف احتجاج

ڪوٽڙي:ريلوي ورڪرز يونين پاران ڪالوني ۾ پاڻي ۽ گئس جي کوٽ خلاف مظاهرو

ٽنڊوغلام حيدر: ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جي مطالبن جي مڃتا لاءِ بک هڙتال جاري

قمبريوٿ فورم جي اڳواڻ مهتاب شيخ کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف ستين ڏينهن به ريلي

1

سنڌ يونيورسٽي ۾ فيسن جي واڌ خلاف وڏي انگ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران آرٽس فيڪلٽي کان يونيورسٽي جي انتظامي بلاڪ اي سي ٽو تائين هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي ٽو اڳيان ڌرڻو هنيو ويو, ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن هالارجمالي, راشد زرداري, مزمل عباسي, سنجها چنا ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي فيسن ۾ 150 سيڪڙو واڌ ڪئي آھي, فيسن ۾ واڌ سبب شاگردن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي, جنهن ڪري سنڌ يونيورسٽي ۾ غريب شاگردن لاء تعليم جا دروازا بند ٿي ويا آھن،شاگردن مطالبو ڪيو ته فيسن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ تحريڪ هلائي ويندي ـ

2

کپرو ۾ بيوھ پيرسن عورت ۽ سندس پاڙيسري  پاران اسٽامپ وينڊر خلاف احتجاج ڪيو ويو، بيوھ عورت جنت خاتون ويجهي عزيز حمز علي سان گڏجي کپرو جي اسٽامپ وينڊر ادريس چانيهون خلاف احتجاج ڪندي دانهيندي ٻڌايو ته کپرو ۾ اسٽامپ وينڊر جو ڪم ڪندڙ ادريس چانهيون  ٻني جي ڪم جا پنجويھ ھزار رپيا وٺڻ باوجود ڪيترائي مهينا رلائيندو رهيو آھي پر ڪاغذ نٿو ٺھرائي ڏي،  هن چيو ته هوءَ ٻھراڙي جي غريب مسڪين بيوھ عورت آهي، هرروز ڪرايو ڀاڙو ڀري ٿڪجي پئي آهي هن  وس وارن کي اپيل ڪئي ته ساڻس انصاف ڪري هن جا پئسا واپس ڏياريا وڃن.

3

ڪوٽڙي ۾ ريلوي ورڪرز يونين پاران ريلوي ڪالوني ۾  پاڻي ۽ گئس جي کوٽ خلاف ڪوٽڙي اسٽيشن تي احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي,احتجاج جي اڳواڻي يونين جي مرڪزي اڳواڻ منظور احمد،غلام علي، نسيم رائو ۽ ٻين ڪئي.ريلوي ملازمن هٿن ۾ جهنڊا ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو. احتجاج ڪندڙن مهانگائي ۽ ٻين مسئلن خلاف نعريبازي ڪئي.احتجاج ڪندڙن ريلوي اسٽيشن تي مسئلن جي حل لاء ڌرڻو پڻ هنيو ,ريلوي جي ملازمن جو چوڻ هو ته نجڪاري وارو عمل ختم ڪري ملازمن کي سرپلس ڪرڻ واري پاليسي ختم ڪئي وڃي، ريلوي ڪالوني ۾ پاڻي ۽ گئس جي فراهمي متاثر آھي جنهن ڪري رهواسي سخت پريشان آھن ،هنن مطالبو ڪيو ته ريلوي ڪالونين جا بنيادي مسئلي حل ڪري ملازمن کي بنيادي حق فراهم ڪيا وڃن

4

ٽنڊوغلام حيدر ٽائون ڪميٽي جي ملازمن  پاران پگهارون نہ ملڻ خلاف 15 هين ڏينهن بہ ٽائون آفيس آڏو احتجاجي ڪئمپ قائم رکي وئي، جنهن ۾  ملازم طاهر نظاماڻي جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي ، بک هڙتال تي  پاڪستان تحريڪ انصاف حيدرآباد ريجن جي وائيس پريزيڊنٽ حاجي الطاف احمد نظاماڻي،ضلعي جي اڳوڻي صدر چاچا حسن نظاماڻي،حاجي نظام الدين جڳسي ۽ تعلقي ايس ٽي پي اڳواڻ پير عظيم شاھ پاران ٻڌي طور شرڪت ڪئي وئي، اڳواڻن چيو تہ ملازم پنهنجن حقن لاءِ مسلسل احتجاج تي ويٺل آھن پر سندن ڪير سار نٿو لهي سنڌ حڪومت توڙي لوڪل گورنمنٽ جي اختيارين اکين تي پٽيون ٻڌي ڇڏيون آھن، هنن چيو ته جيڪڏهن ملازمن کي پگهارون جاري نه ڪيون ويون ته سموريون پارٽيون هڪ ٿي ڊپٽي ڪمشنر آفيس آڏو احتجاج ڪنديون.

5

قمبر يوٿ فورم جي نائب صدر مهتاب شيخ کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف  ستين ڏينهن بہ فورم جي اڳواڻن، شهر جي سياسي سماجي تنظيمن ۽ سندس گهر ڀاتين پاران گڏيل احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا جناح باغ کان مختلف چوراهن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي جتي شهري ايڪشن ڪميٽي اڳواڻ پيارل پنهور،قمبر يوٿ فورم اڳواڻ ڪامريڊ اياز ٻرڙو، عوامي تحريڪ ۽ قمبر سٽيزن فورم اڳواڻ اياز جمال چانڊيو ۽ پي ٽي آء اڳواڻ نثار ڏيپر ۽ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو تہ مهتاب شيخ کي بيگناهہ کنڀي گم ڪيو ويو آهي هنن مطالبو ڪيو تہ کيس بنا ڪنهن دير جي آزاد ڪيو وڃي مٿس جيڪڏهن ڪوئي الزام آهي تہ کيس ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.