سلمان خان جي پيءُ سليم خان جو ايشوريا جي سَهري اميتاڀ بچن کي مشورو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) باليووڊ جي دبنگ خان سپر اسٽار سلمان خان جي پيءُ ۽ ناليواري اسڪرپٽ رائيٽر سليم خان اداڪار اميتاڀ بچن کي هڪ وڏو مشورو ڏنو آهي.

ڀارتي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ سليم خان چيو آهي ته باليووڊ شهنشاهه اميتاڀ بچن پنهنجي زندگي ۾ جيڪو ڪجهه حاصل ڪرڻ چاهي پيو ان اهو حاصل ڪري ورتو آهي، هاڻي کيس رٽائرمينٽ وٺڻ گهرجي.

سليم خان پنهنجي انٽرويو ۾ بگ بي جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته اميتاڀ پنهنجي زندگيون جون شاندار اننگز کيڏيون، هن تمام سٺو ڪم ڪيو ۽ هاڻي کيس پنهنجي ڪم کان واندڪائي اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ ڪجهه وقت پنهنجو پاڻ کي ۽ گهر وارن کي ڏيڻ گهرجي.

سلمان خان جي پُٽ پنهنجو مثال ڏيندي چيو ته هاڻي منهنجي دنيا مختلف آهي، مونسان ملڻ جلڻ واري ماڻهن ۾ هاڻي رڳو فلمي دنيا جا ماڻهو ناهن.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اميتاڀ بچن هيرو هو ۽ آهي پر هاڻي ان جهڙي اداڪار جي لاءِ ڪهاڻيون ناهن، اسان جون فلمون ٽيڪنيڪل طور بهتر ٿيون آهن، انکانسواءِ موسيقي ۽ ايڪشن ۾ به بهتري آئي آهي پر اسان وٽ هن وقت به معياري اسڪرپٽس موجود ناهن.

واضح رهي ته اميتاڀ بچن ۽ سليم خان ڪيترن ئي سپرهٽ پراجيڪٽس ۾ گڏجي ڪم ڪيو آهي جن ۾ ڪالا پٿر، شعلي، دوستانا ۽ زنجير جهڙيون فلمون شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.