شاهه رخ خان جي آريان خان کي ڀاڪر پائڻ واري وڊيو جي حقيقت سامهون اچڻ لڳي

ممبئي(ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي اداڪار شاهه رخ خان جي گرفتار ٿيل پُٽ آريان خان جي حوالي سان هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ جيڪيٽ پهريل وڏن وارن سان شخص ”شاهه رخ خان“ بلو شرٽ پهريل شخص ”آريان خان“ کي عدالت جي ٻاهران ڀاڪر پائي مٿي تي هٿ رکي وٺي وڃي رهيو آهي.

ٻئي ڄڻا هڪٻئي سان ڀاڪر پائي ملي رهيا آهن جنهن ۾ ٻنهي کي فيس ماسڪ پهريل آهن، ڏسڻ ۾ ائين لڳي رهيو آهي ته هڪ شخص شاهه رخ خان ۽ ٻيو آريان خان آهي ۽ وڊيو ۾ به اهو ئي ٻڌايو ويو آهي ته اهي ٻئي شاهه رخ خان ۽ آريان خان ئي آهن.

ان حوالي سان ميڊيا رپورٽن جو چوڻ آهي ته اها وڊيو جعلي آهي، ڇو ته آريان خان کي اهڙي ريت سري عام ڪنهن سان به ملڻ جي اجازت ناهي، عدالتي حڪمن موجب آريان خان سان رڳو شاهه رخ خان جي مينيجر پوجا ئي ملي سگهي ٿي.

ٻئي پاسي شاهه رخ خان جي گهر ٻاهران بيٺل فوٽو گرافرن جو چوڻ آهي ته اسان به شاهه رخ خان کي گهر کان ٻاهر نڪرندي ناهي ڏٺو انڪري ڄاڻايل وڊيو ٻنهي جي عدالت ۾ ملڻ جي ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.