سنڌ حڪومت ڪراچي واسين کي وڏي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪراچي واسين کي خوشخبري ٻڌائيندي هڪ ٻيو بس منصوبو شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير اويس قادر شاهه ڪراچي ۾ انٽراسٽي بس منصوبو جلد شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته کاتي کي منصوبي لاءِ فنڊ ملي ويا آهن، 250 ڊيزل هائبرڊ بسن جي خريداري لاءِ سمورا مرحلا مڪمل ڪيا ويا آهن.

هن ٻڌايو ته ايندڙ 4 مهينن ۾ بسون پهچي وينديون، پهرئين مرحلي ۾ ڪراچي جي 7 روٽن تي بسون هلنديون، 4 بس ڊپو بس آپريشنز هلائڻ لاءِ ڏنا ويا آهن.

سندس چوڻ هو ته ٻين ٽرانسپورٽ منصوبن تي به اڳڀرائي ٿي رهي آهي، ايڌي، اورنج لائن ۽ ريڊ لائن منصوبي تي به ڪم تيزيءَ سان جاري آهي.

ٽرانسپورٽ واري وزير جي ترجمان موجب ترڪي جي پبلڪ ٽرانسپورٽ ڪمپني جا نمائندا ڪراچي پهچي ويا آهن، ترڪ ڪمپني  جي نمائندن يوپي موڙ بس ڊپو جو دورو ڪيو ۽ روٽن جو معائنو به ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.