پاڪستان ۾ سون اگهن ۾ وڏي واڌ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون اگهن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ في تولي سون جي قيمت ۾ وڏي واڌ ٿي آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ اڄ 750 رپيا واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 16 هزار رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 643 رپيا مهانگو ٿي 99 هزار 451 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 8 ڊالر واڌ سان هڪ هزار 763 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.