بگ باس 15 ۾ ڪهڙو اداڪار هفتي جو ڪيترو معاوضو وصول ڪري ٿو؟

ممبئي(ويب ڊيسڪ) لڳ ڀڳ ڏيڍ هفتو اڳ ڀارت جي مشهور ريئلٽي شو بگ باس جي 15 هين سيزن جا سوشل ميڊيا تي تبصرا شروع ٿي ويا آهن.

پر ڇا توهان کي خبر آهي ته پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙ ناليواريون شخصيتون هڪ هفتي جي ڪيتري رقم وصول ڪن ٿيون؟

سمبا ناگپال

فوٹو: فائل

اداڪار سمبا ناگپال بگ باس جي 15هين سيزن جي هر هفتي جا هڪ لک ڀارتي رپيا وصول ڪري رهيو آهي.

ايشان، مائيشا، ۽ وشال

فوٹو: فائل

بگ باس جي گهر ۾ ڀارتي فلم اداڪار وشال ڪوٽيان جي وي لاگنگ کي بي انتها پسند ڪيو پيو وڃي.

ٻئي پاسي ايشان ۽ مائيشا جي وچ ۾ وڌندڙ دوستي به سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيل آهي.

ايشان، مائيشا اور وشال هر هفتي جا 2 لک رپيا وصول ڪري رهي رهيا آهن.

پرتيڪ سيهاج پال ۽ نشانت ڀٽ

فوٹو: فائل

بگ باس جي هلندڙ سيزن ۾ سڀني کان مٿي هلندڙ پرتيڪ ۽ پنهنجي ذهن سان کيڏندڙ نشانت هر هفتي ۾ 2 لک رپيا وصول ڪري رهيا آهن.

عمر رياض

فوٹو: فائل

بگ باس جي سيزن 13 ۾ مشهوري ماڻيندڙ عاصم رياض جو ڀاءُ عمر رياض هڪ هفتي جا 3 لک ڀارتي رپيا وصول ڪري ٿو.

وِڌي پانڊيا

فوٹو: فائل

ڀارتي ٽيلي ويزن جي ناليواري ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ واري اداڪارا وڍي پانڊيا کي شو ۾ گهڻو پنسد ڪيو پيو وڃي.

وِڌي طرفان مداح بگ باس جي گهر ۾ اٿاريل مسئلن کي به ساراهيو پيو وڃي.

ڀارتي ميڊيا موجب وڌي هڪ هفتي جا 4 لک رپيا وصول ڪري رهي آهي.

ڊونل بشٽ

فوٹو: فائل

گهر ۾ لڳاتار جاءِ ٺاهيندڙ ۽ گهر وارن سان گڏجي سڏجي رهڻ جي ڪوشش ڪرڻ واري ڊونل هڪ هفتي جا 4 لک ڀارتي رپيا وصول ڪري رهي آهي.

آڪاسا سنگهه

فوٹو: فائل

ناليواري اداڪارا آڪاسا سنگهه کي هڪ هفتي جا 5 لک رپيا ڏنا پيا وڃن.

شميتا شيٽي

فوٹو: فائل

اداڪارا شلپا شيٽي جي ڀيڻ شميتا شيٽي جنهن تازو ئي بگ باس او ٽي ٽي ۾ شرڪت ڪئي آهي رپورٽن موجب شميتا کي هڪ هفتي جا 5 لک رپيا ڏنا پيا وڃن.

ڪرن ڪندرا

فوٹو: فائل

بگ باس 15 ۾ سڀ کان وڌيڪ مشهور اداڪار ڪرن ڪندرا هڪ هفتي جا 8 لک رپيا وصول ڪري رهيو آهي.

تيجسوي پرڪاش

فوٹو: فائل

چنچل ۽ شوخ اداڪارا تيجسوي پرڪاش جنهن کي خطرون ڪي کلاڙي ۾ گهڻو پسند ڪيو ويو، بگ باس جي 15 هين سيزن ۾ پنهنجا جلوا ڏيکاري رهي آهي.

تيجسوي هڪ هفتي جا 10 لک رپيا ڀارتي رپيا وٺي رهي آهي.

افسانا خان

فوٹو: فائل

مشهور گاني تتليان جي گلوڪارا افسانا خان هڪ هفتي جا 10 لک رپيا وصول ڪري رهي آهي.

جي ڀانوشالي

فوٹو: فائل

بگ باس سيزن 15 جي گهر ۾ سڀ کان وڌيڪ پيسا وٺندڙ اداڪار ۽ ميزبان جي ڀانوشالي آهي جنهن کي هڪ هفتي جا 11 لک رپيا ڏنا پيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.