پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي رفتار اوچتو سست ڇو ٿي وئي؟ اهم خبر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي رفتار اوچتو سست ٿي وئي.

25 هزار ڪلو ميٽر ڊگهي ايشيا ڊبل اي ون ڪيبل ۾ خلل اچي ويو ۽ ٽيلي ڪام ذريعن جو چوڻ آهي ته 40 ٽيرا بائيٽ جي اهم ترين پاڻي هيٺ ڪيبل فجيرا ڀرسان خراب ٿي وئي، جنهن سبب پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي رفتار سستيءَ جو شڪار آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته انٽرنيٽ ڊيٽا ٽريفڪ جي ٻين گهٽ گنجائش وارين ڪيبلن تي منتقلي ڪئي پئي وڃي.

ذريعن موجب 40 ٽيرا بائيٽ ڪيبل جي مرمت ۾ ڪيترائي ڏينهن لڳڻ جو امڪان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.