فٽبال جي عالمي چيمپيئن فرانس يوئيفا نيشنز ليگ کٽي ورتي

 

ميلان (ويب ڊيسڪ) فٽبال جي عالمي چيمپيئن فرانس، اسپين کي شڪست ڏئي يوئيفا نيشنز ليگ کٽي ورتي.

آچر جي رات کيڏيل فائنل ميچ ۾ فرانس جي ٽيم اسپين کي هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

اٽلي جي شهر ميلان ۾ کيڏيل ان فائنل ۾ پهريون گول اسپين 64هين منٽ ۾ ڪيو پر ٻن منٽن کانپوءِ ئي فرانس جي ڪريم بينزيما گول ڪري مقابلو برابر ڪري ڇڏيو.

فرانس جي فتح جو سبب بڻجندڙ ٻيو گول فارورڊ رانديگر ايمباپي 80هين منٽ ۾ ڪيو.

ميچ ۾ فرانس جي ٽيم 1-2 تان ڪاميابي ماڻي يوئيفا نيشنز ليگ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.