”جِم“ جا شوقين نوجوان خبردار

اڄڪلهه جِم وڃڻ جو رجحاڻ گهڻو وڌندو پيو وڃي خاص ڪري نوجوان وڏي انگ ۾ جِم جو حصو بڻجي رهيا آهن، ڇو ته ماڻهو خاص ڪري مرد ان شوق ۾ گهڻو مبتلا ٿي ويا آهن.

ان حوالي سان ماهرن چيو آهي ته ڪنهن به قسم جي ”باڊي بلڊنگ“ سپليمنش کي پائوڊر جي صورت ۾ استعمال ڪرڻ سان خطرناڪ بيماريون لاحق ٿي سگهن ٿيون.

ماهرن موجب ورزش ۽ باڊي بلڊنگ کان اڳ کاڌل پروٽين شيڪ وغيره طريقيڪار موجب پاڻي يا کِير ۾ ملائي استعمال ڪيا ويندا آهن، پر ڪجهه نوجوان ان کي سفوف جي صورت ۾ استعمال ڪندا آهن، جنهن سان فائدن جي بدران وڏا نقصان هوندا آهن.

ماهرن موجب اسٽيمنا وڌائڻ جي لاءِ استعمال ڪيل پائوڊر جي هڪ چمچي ۾ ڪافي جي ڪجهه ڪوپن جيتري ڪيفين موجود هوندي آهي جنهن سان بلڊ پريشر ۽ دل جي ڌڙڪن بي ترتيب ٿي سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.