ڏهي، سڀني صحت بخش خوراڪن کان اڳتي

اسان وٽ چوڻي آهي ته جيءُ آهي ته جهان آهي ۽ صحت قدرت جو هڪ انمول تحفو آهي.

هر ماڻهو پنهنجي ۽ پنهنجي گهروارن جي لاءِ محنت ڪري انهن جي لاءِ ڪمائي ٿو ۽ ان سان گڏ انهن سميت پنهنجي به صحت لاءِ پريشان هجي ٿو، جيڪڏهن ڪنهن جي صحت ڪهڙي به حوالي سان خراب ٿي پوي ٿي ته معمول جي زندگي ۾ وڏيون تبديليون اچي وينديون آهن، اهو ئي سبب آهي جو سڀ ڪو چاهيندو آهي ته هو اهڙو ڪو عمل نه ڪري جنهن سان هن جي صحت تي ناڪاري اثر پون يا اهڙي ڪا خوراڪ استعمال نه ڪري جنهن سان انجي صحت خراب رهي. نه رڳو ايترو پر اڪثر ماڻهو صحت بخش کاڌا کائيندا رهندا آهن ته جيئن انهن جي جسم ۾ انرجي رهي ۽ مختلف بيمارين سان مزاحمت لاءِ انهن جو جسم هر وقت تيار رهي.

ڏهي ڏهه هزار بيمارين جو علاج آهي، اهو ئي سبب آهي ته وڏي زماني کان وٺي ڏهي هن وقت تائين استعمال ٿيندي پئي اچي.

ڏهي ۾ ڪيلشيم، فولاد، زنڪ، پوٽاشيم، فاسفورس، ميگنيشيم موجود هوندو آهي جيڪو انساني جسم جي لاءِ ضروري آهي.

هتي اها ڳالهه به ذڪر جوڳي آهي ته تمام ٿورن ماڻهن کي ڏهي ۾لڪل فائدن جي باري ۾ خبر هوندي آهي، حقيقت ۾ اها هڪ اهڙي خوراڪ آهي جيڪا اسان جي روز جي خوراڪ جو لازمي طور تي حصو هجڻ گهرجي.

ڏهي بلڊ پريشر کي مستحڪم ڪندي آهي

لوڻ جو گهڻو استعمال سدائين اسان جي جسم کي دل جي بيمارين، گردن جي مسئلن يا رت جي وهڪري جي سولو شڪار بڻائي ڇڏيندو آهي، جسم ۾موجود واڌو لوڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ مناسب مقدار ۾پوٽاشيم جي ضرورت هوندي آهي، 8 اونس ڏهي ۾ لڳ ڀڳ 600 ملي گرام پوٽاشيم موجود هوندو آهي جيڪو اسان جي جسم جي لاءِ مختلف بيمارين جي خطرن کي گهٽائيندو آهي.

ڏهي هڏيون مضبوط ڪندي آهي

نيويارڪ جي هيلن هيز اسپتال جي ڊاريڪٽر جيري نيويز موجب جيڪڏهن توهان کي جوڙن ۾ سُور يا سختي جو مسئلو آهي ته ڏهي کي پنهنجي روز مرا زندگي جو حصو بڻائي ڇڏيو، توهان کي پاڻ ئي فرق محسوس ٿيندو.

ڪمزور هڏا سڀني وچولي عمر جي مردن ۽ عورتن جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿينديون آهن، ان سنگين عارضي جي روڪٿام ۽ پنهنجي وڌندڙ عمر ۾ به تندرست رهڻ جي لاءِ ڏهي بهترين ڪم ڪندي آهي جنهن جو سبب ان ۾ موجود وٽامن ڊي ۽ ڪيلشيم آهي.

ڏهي هاضمي جا مسئلا ختم ڪندي آهي

ڏهي جو هڪ اهو به  وڏو فائدو آهي ته اها هاضمي جي نظام کي بهتر بڻائيندي آهي، ڏهي ۾ هڪ خاص جز پروبائيوٽڪ شامل هوندو آهي.

هڪ کاڌ خوراڪ جي ماهر روبن پلاٽڪن موجب ڏهي ۾ موجود اهو جز کاڌي کي وڌيڪ بهتر طريقي سان هضم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي ۽ اسان کي صحتمند رکندو آهي.

ڏهي وڌندڙ بُک تي ڪنٽرو ڪندي آهي

واشنگٽن يونيورسٽي جي تحقيق موجب ڏهي اسان جي معدي ۾ وڃي کاڌي جي گهڻي طلب کي گهٽائيندي آهي، جڏهن ته ان سان گڏ اسان جي جسم ۾توانائي به وڌائيندي آهي ۽ گهٽ کاڌو کائڻ سان ماڻهو گهڻو صحتمند رهندو آهي.

ڏهي جسماني دفاعي نظام کي بهتر بڻائيندي آهي

ويانا يونيورسٽي جي هڪ تحقيق ۾ اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته ڏهي اسان جي جسماني دفاعي نظام کي بهتر بڻائڻ ۾ فائديمند ثابت ٿيندي آهي.

اها عورتن جي ٽي سيلز کي مضبوط بڻائيندي آهي، ٽي سيلز رت جي اڇن جزن جو حصو هوندا آهن ۽ انفيڪشن يا مرضن جي خلاف دفاع ڪندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.