موبائل ۾ جهاز هجڻ جا مقصد؟

اڄڪلهه ٽينڪنالاجي انسان جي زندگي ۾ ايتري ته اهميت رکي چڪي آهي جو ڪير ٽيڪنالاجي کان بغير شايد زندگي گذاري ئي نه سگهي.

انسان لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم کائڻ پيئڻ ئي هوندو آهي جنهن جي لاءِ ماڻهو وٽ ذريعو هجڻ ضروري آهي ۽ ان ذريعي جي ذريعي ماڻهو پيٽ ڀري کائي ۽ جيئرو رهي سگهي ٿو.

سڌي ڳالهه تي اچجي ته ڀيٽ ڀري کائڻ جي لاءِ محنت (ڪمائڻ) ضروري آهي پوءِ ڀلي اها ڪهڙي به انداز، طريقي يا رخ ۾ ڪجي ۽ اڄڪلهه ٽيڪنالاجي جي مدد جي بنا ڪمائڻ ناممڪن ٿي ويو آهي، مطلب ته جنهن به طرز يا انداز ۾ ڪمائڻ جو سوچيو ويندو يا ڪمايو ويندو ان ۾ ٽيڪنالاجي جو ضرور استعمال ٿيندو هوندو.

اهڙي ئي حوالي سان موبائل به انتهائي اهم ٿي وئي آهي، هونئن ته موبائل مان سڌي ريت هر ڪو نٿو ڪمائي سگهي پر پنهنجي نوڪري، روزگار يا ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ موبائل کي ضرور استعمال ڪري سگهجي ٿو.

موبائل ۾ هونئن ته نقصانن کان وڌيڪ فائدا آهن ۽ ان ۾ ڪيتريون ئي شيون آهن جيڪي يقينن ماڻهن جي استعمال لاءِ رکيون ويون آهن پر ڇا توهان کي خبر آهي ته ٽَچ موبائل ۾ موجود ”جهاز“ جو ڪهڙو ڪم آهي؟ يا انکي موبائل ۾ ڇو رکيو ويو؟

هتي اسان توهان کي ٻڌائينداسين ته جهاز کي موبائل جو حصو بڻائڻ جو مقصد ڪهڙو هو.

جهاز هڪ اهڙو موڊ آهي جنهن جي ڪري توهان جو موبائل ۾ موجود سِم يا سِمن سان رابطو رکي يا ختم ٿي سگهي ٿو.

مطلب جيڪڏهن توهان پنهنجي موبائل کي جهاز جي موڊ تي رکو يا ان جهاز واري موڊ کي آن ڪيو ٿا ته توهان جو پنهنجي سِمن سان رابطو ختم ٿي ويندو، ان سان توهان جي موبائل ۾ ٻيو سڀ جو سڀ ايپليڪيشنز ڪم ڪنديون رهنديون ۽ توهان انهن کي ان ئي صورت ۾ استعمال ڪري سگهندا پر توهان جي سِم تي ڪنهن به قسم جي ڪال يا ميسيج موصول نه ٿيندو.

ان جهاز توهان جي موبائل ۾ اصل ۾ ان جي لاءِ رکيو ويو هو ته جڏهن توهان اصل جهاز ۾ سفر ڪرڻ لڳو ته توهان پنهنجي موبائل کي سِم جي استعمال کان ختم ڪيو، ڇو ته سِم جي ايڪٽو هجڻ جي ڪري توهان جي سِم مختلف جاين تان گذرندي ويجهي ۽ مختلف ٽاورن تان سنگل ڪيچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهندي جنهن سان جهاز ۾ موجود پائليٽ روم جي سگنلز تي سڌي ريت اثر پوندو آهي.

اهو ئي سبب آهي جو جيڪڏهن ڪير جهاز تي سفر ڪندو آهي ته ان ۾ موجود عملو گهڙي گهڙي توهان کي ياد ڏياريندو رهندو آهي ته مهرباني ڪري پنهنجي موبائل کي ايئروپلين موڊ تي رکو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.