نئين فيچرز واٽس ايپ کي ئي مَٽائي ڇڏيو

واٽس ايپ دنيا جي مشهور ترين ميسيجنگ ايپليڪيشن آهي جنهن جي واهپيدارن جو انگ 2 ارب کان مٿي آهي.

اهو ئي سبب آهي جو واٽس ايپ طرفان لڳاتار نوان فيچرز آندا ويندا آهن ته جيئن ان جا واهپيدار ڪنهن ٻئي ميسيجنگ ايپ جو رخ نه ڪن.

عام طور تي نوان فيچر پهريون بيٽا فون تي ايندا آهن ۽ اتان مختلف آزمائشي مرحلن مان گذرڻ کانپوءِ واهپيدارن تائين پهچندا آهن.

ايندڙ هفتن يا مهينن ۾ به واٽس ايپ طرفان ڪيترائي لاتعداد فيچر متعارف ڪرايا ويندا جن بابت هن وقت تائين ڪو علم ناهي.

پر ڪجهه فيچرز اهڙا به آهن جيڪي هن وقت بيٽا ورجن ۾ موجود آهن ۽ اميد آهي ته جيڪي ڪجهه ئي ڏينهن واهپيدارن جي لاءِ موجود هوندا.

ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ واٽس جا هيٺيان فيچر متعارف ڪرايا ويندا.

ميسيج ري ايڪشنز

هاڻي واٽس ايپ جي واهپيدارن لاءِ به اهڙو فيچر موجود هوندو جنهن جي مدد سان هو ميسيج تي ري ايڪشن ڏئي سگهندا.

تنهن هوندي به اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته ري ايڪشن جي لاءِ واٽس ايپ ۾ ڪيترا ايموجيز ڏنا ويندا.

چيٽ ببلز جو نئون انداز

واهپيدار واٽس ايپ تي پنهنجو گهڻو وقت چيٽ ونڊوز تي گذاريندا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي ته ڪمپني ان تجربي کي بهتر بڻائڻ چاهي ٿي.

اهو ئي سبب آهي ته ميسيج جي چوڌاري جي ببلز نظر ايندا آهن انهن کي ٻيهر ڊيزائن ڪئي پئي وڃي ته جيئن انهن ببلز کي وڌيڪ پرڪشش بڻائي سگهجي.

اڳ کان بهتر ڪانٽيڪٽ ڪارڊ

واٽس ايپ جي اينڊرائيڊ ورجن ۾ ڪمپني طرفان اڳواٽ ئي بهتر ڊيزائن وارا ڪانٽيڪٽ ڪارڊ جو فيچر جلد متعارف ڪرايو ويندو.

هن وقت ڪانٽيڪٽ ڪارڊ ۾ رڳو ڦوٽو نظر ايندو آهي پر ري ڊيزائن ڪارڊ ۾ ڪالز، ٽيڪسٽ ۽ وڊيو ڪال جا آپشن به موجود هوندا، گروپ ڪانٽيڪٽ ڪارڊ ۾ ٽيڪسٽ موڪلڻ جو آپشن به موجود هوندو.

نوان فوٽو ايڊٽنگ ٽولز

واٽس ايپ طرفان هڪ اهڙي ڪم تي ڪم ڪيو پيو وڃي جيڪو هن وقت اسٽوريز ۾ دستياب فوٽو ايڊيٽر سان ملندڙ جلندڙ آهي.

ان فوٽو ايڊيٽر سان واهپيدارن جي فوٽوز ۾ اسٽيڪرز جي واڌ ڪري سگهندا ۽ انکي ڪراپ به ڪري سگهندا، اهڙي ئي ريت فوٽوز ۾ ٽيڪسٽ ۽ ايموجيز کي به شامل ڪيو ويندو.

اپ ڊيٽ وائيس ميسيجز

واٽس ايپ طرفان وائيس ميسيجز کي به اپ ڊيٽ ڪيو پيو وڃي.

هاڻي وائيس ميسيج کي موڪلڻ کان اڳ ٻڌي به سگهندا جڏهن ته واٽس ايپ طرفان پيغام رڪارڊ ڪرائيندي ويوفارم کي به ڊسپلي ڪري سگهبو.

اهو فيچر به بيٽا ورزن ۾ موجود آهي جنهن جي آزمائش ڪجهه عرصي تائين جاري رهندي جنهن کانپوءِ انکي عام واهپيدارن جي لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.