هر کاڌو صحت لاءِ نقصانڪار، سبب سوشل ميڊيا

هونئن ته هن وقت تائين ماڻهو ٻڌندو آيو آهي ته کاڌو انسان جو جياپو آهي، اهو ماڻهو گهڻو وقت هلي نٿو سگهي جيڪو کاڌو نه کائي يا وري کاڌو نه کائيندڙ يا گهٽ کائيندڙ ماڻهو جسماني طور ڪمزور ئي رهندو آهي.

ان سان گڏ حد کان وڌيڪ کاڌا کائڻ ۽ ڪجهه حالتن ۾ مخصوص قسم جا کاڌا استعمال ڪرڻ به صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهن ٿا، جهڙوڪ مختلف بيمارين ۾مبتلا ماڻهن کي ڪجهه ڏينهن لاءِ مخصوص کاڌن کان پرهيز ٻڌائي ويندي آهي جيستائين هو ان بيماري مان نڪري سگهي.

ان حوالي سان ڪجهه اهڙيون به بيماريون آهن جن جي ڪري ماڻهو کي سڄي حياتي ڪجهه کاڌن کائڻ کان پاسو ڪرڻو پئجي ويندو آهي ٻئي صورت ۾ اهو انهن جي زندگي لاءِ نقصانڪار هوندو آهي پر تنهن هوندي به ڪنهن اهو سوچو آهي ته ڇا هر قسم جو کاڌو انسان جي صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو؟

جي ها! توهان سچ پڙهيو، ڪهڙي به قسم جو کاڌو هجي توهان جي لاءِ مخصوص شرطن جي بنياد تي نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.

گهڻي قدر ماڻهو کاڌو کائڻ کان اڳ ان جون تصويرون ڪڍي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏيندا آهن، جنهن جا صحت تي ناڪاري اثر پون ٿا.

آمريڪي جي يونيورسٽي آف سائوٿ جارجيا ۾ ڪيل هڪ تحقيق ۾ چيو ويو آهي جيڪي ماڻهو پنهنجي کاڌي جون تصويرون ڪڍن ٿا اهي لاشعوري طور گهڻي بُک جو شڪار بڻجي ويندا آهن ۽ انهن ۾ هڪ اهڙي ڪيفيت پيدا ٿيندي آهي جنهن جي ڪري انهن جي اندر ۾ هڪ کانپوءِ وري ٻئي شيءِ کائڻ جي طلب وڌي ويندي آهي.

ماضي جي هڪ تحقيق ۾ ته چيو ويو هو ته کاڌي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي رکڻ جا فائدا آهن مثال طور جيڪو ماڻهو کاڌي جي تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندو آهي ته ان جو ذائقو ٻيڻو ٿي ويندو آهي.

ان جي وضاحت ڪندي ماهرن چيو ته کائڻ جون تصويرون ڪڍڻ ۽ سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪرڻ سان دماغ ۾ کائڻ جي حوالي سان هڪ نقطي تي بيهجي ويندو آهي، جنهن سان لاشعوري طور تي کاڌي جي خوشبو دماغ ۾ ويهجي ويندي آهي.

تنهن هوندي به هاڻي پراڻي تحقيق جي ابتڙ چيو ويو آهي ته کائڻ جي تصوير ڪڍڻ ۽ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ سان صحت تي ناڪاري اثر پوندا آهن ڇو ته ائين ڪرڻ سان معدو گهڻي خوراڪ طلب ڪندو آهي.

ماهرن 145 ماڻهن تي رسرچ ڪئي جن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو هو، انهن کي تريل ۽ پنير واريون شيون ڏنيون ويون ۽ هڪ گروپ کي چيو ويو ته کائڻ کان اڳ ان جي تصوير ڪڍي وڃي ۽ کائڻ کانپوءِ پنهنجي تجربي کان آگاهه ڪند ته ڇا انهن کي اهي شيون پسند آيون ۽ اهي انهن کي وڌيڪ کائڻ چاهين ٿا؟

تحقيق ۾ چيو ويو ته تصويرون ڪڍڻ واري گروپ کي وڌيڪ نمبر مليا مطلب ته گروپ ۾ موجود ماڻهو گهڻو کاڌو کائي ويا.

ماهرن جو چوڻ هو ته تصوير ٺاهڻ وقت دماغ جا مخصوص خليا جيڪي پيغام اماڻيندا آهن انهن طرفان معدي کي وڌيڪ خوراڪ کائڻ جو حڪم ملندو آهي جنهن جي بنياد تي انهن کي وڌيڪ کاڌو استعمال ڪيو جنهن سان انهن جي ڪيلوريز ۾ وڌا ٿي.

انهن مشورو ڏنو ته جيڪي ماڻهو گهٽ کاڌو کائڻ جا خواهشمند ۽ وڌيڪ کاڌي جي نقصانن کان بچڻ چاهين ٿا اهي اهڙيو تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر نه ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.