هر مقصد لاءِ فائديمند ”ورزش“ جا نقصان، حيران ڪندڙ تحقيق

”ورزش“ هڪ واحد عمل آهي جنهن کي هر علاج لاءِ فائديمند ۽ صحتمند رهڻ لاءِ بهترين نسخو سمجهو ويندو آهي.

ڊاڪٽر هجن يا ڪي ٻيا صحت جا ماهر، انساني بيمارين تي تحقيق ڪندڙ سائنسدان هجن يا وري کاڌ خوراڪ جا ماهر سڀني جو ورزش جي لاءِ هڪ ئي موقف هوندو آهي ته ماڻهو ورزش ڪرڻ سان پنهنجو پاڻ کي نه رڳو صحتمند بڻائي سگهي ٿو پر ان سان ڪيترن مي خطرناڪ بيمارين مان بچي به سگهي ٿو.

سڀ کان خطرناڪ بيماري ڪينسر مان ڇوٽڪاري، ان جي ڦهلاءَ کي روڪڻ يا وري ان جي علاج ۾ تيزي آڻڻ جي لاءِ به ماهرن ماڻهن کي ورزش ڪرڻ جا مشورا ڏنا آهن، اهو چيو ويو آهي ته ورزش سان ڪينسر جي ڦهلاءَ ۾ روڪ ٿيندي آهي ۽ ان جي علاج ۾ تيزي آهي.

پر حيران ڪندڙ طور تي سليپ ميڊيسن ريويو ۾ ڇپيل هڪ رپورٽ مان خبر پئي آهي ته ورزش ماڻهو لاءِ نقصانڪار به ثابت ٿي سگهي ٿي.

رپورٽ ۾چيو ويو آهي ته رات جو سمهڻ کان ٻه ڪلاڪ اڳ يا انکان به اڳ ورزش يا جسماني مشقت ڪندڙن کي جلدي ننڊ ناهي ايندي ۽ اهي سُڪون جي ننڊ ناهن سمهي سگهندا.

رات جو ورزش ڪندڙن کي يا ته گهڻي دير کانپوءِ ننڊ ايندي آهي يا وري انهن کي سڄي سڄي رات ننڊ ئي ناهي ايندي جيڪڏهن اهي ننڊ ڪري به وٺندا آهن تڏهن به انهن جي سُڪون واري ننڊ رهجي ويندي آهي.

ان تحقيق جو اهو مطلب آهي ته جيڪڏهن توهان ورزش يا جسماني مشقت جا بهتر فائدا حاصل ڪرڻ چاهيو ته ننڊ کان گهڻو وقت اڳ مڪمل ڪيو ۽ ورزش کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ 4 ڪلاڪ کانپوءِ ننڊ ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.