گنجن مردن لاءِ هڪ ٻيو مسئلو

ڪورونا وائرس تي ڪيل هڪ تحقيق جي نتيجي ۾ اهو انڪشاف سامهون آيو آهي ته عالمي وبا ڪورونا وائرس مان گنجا مرد وڌيڪ متاثر ٿين ٿا.

هڪ نئين تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته عام مردن جي ڀيٽ ۾ وارن کان محروم مرد ان وبا جو وڌيڪ شڪار ٿين ٿا.

محققن طرفان گنجي مردن ۾ ان وبا جا وڌيڪ خطرا ۽ موت جي شرح جو سبب مردن جي هارمونز کي قرار ڏنو ويو آهي.

انگلينڊ جي اخبار ”دي ٽيليگراف“ ۾ ڇپيل رپورٽ موجب مردن ۾ موجود هارمون ”اينڊورجين“ گنج پڻ جي سبب بڻجي ٿو جڏهن ته اينڊورجن هارمون ئي ڪورونا وائرس کي گنجن مردن تي حملي ۾ مدد فراهم ڪري ٿو.

ٻي پاسي محققن جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس جو شڪار عورتن جي ڀيٽ ۾ مرد وڌيڪ آهن، ان بابت وڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ مردن ۾ موجود هارمون ”ٽيس ٽس اسٽيرون“ ۽ ڪورونا وائرس وچ ۾ واسطي تي به تحقيق جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.