موٽورولا موٽو جي سيريز جو سستو سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏيو

موٽورولا موٽو جي سيريز جو هڪ ٻيو سستو سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏيو.

موٽو جي سيريز جو اهو فون موٽو اِي سيريز کان به وڌيڪ سستو آهي.

موٽو جي پيور کي سڀ کان اڳ آمريڪا ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.

ان فون ۾ ميڊيا ٽِيڪ جو هيليو جي 25 پراسيسر موجود آهي ۽ بنيادي طور تي اهو اهڙن واهپيدارن لاءِ آهي جيڪي بنيادي ايپس استعمال ڪرڻ جا عادي هوندا آهن.

موٽو جي پيور ۾ 3 جي بي ريم ۽ 32 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي جڏهن ته اسٽوريج ۾ مائڪرو ايس ڊي ڪارڊ سان وڌيڪ واڌ ڪري سگھجي ٿي.

فون ۾ 4000 ايم اي ايڇ بيٽري موجود آهي جنهن سان گڏ 10 واٽ چارجنگ سپورٽ فراهم ڪئي وئي آهي.

ڪمپني موجب فون جي بيٽري عام استعمال ۾ سولائي سان ٻن ڏينهن تائين ڪم ڪري سگھي ٿي.

فون ۾ 6.5 انچن جي آءِ پي ايس ايل سي ڊي ڊسپلي ڏني وئي آهي جنهن ۾ واٽر ڊراپ نوچ ۾ 5 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا لڪيل آهي.

فون جي بيڪ تي 13 ميگا پڪسل ۽ ٻه ميگا پڪسل ڊيپٿ ڪيمرا موجود آهن جڏهن ته فنگر پرنٽ اسڪينر به بيڪ تي ئي ڏنو ويو آهي.

اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم سان ليس ان فون ۾ واءِ فاءِ 5، بلوٽوٿ 5.0 ۽ هيڊ فون جيڪ جهڙا فيچرز به موجود آهن.

ان جي قيمت 160 ڊالرز (27هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي ۽ آمريڪا کان ٻاهر ٻين ملڪن ۾ متعارف ڪرائڻ جي حوالي سان اڃا ڪمپني ڪو به اعلان ناهي ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.