”اڌ عمر ۾ هاءِ بلڊ پريشر سان دماغي بيمارين جو خطرو وڌي ٿو“

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني ۽ آسٽريلوي سائنسدانن چيو آهي ته جن ماڻهن کي 35 کان 44 سالن جي عمر ۾ پائپرٽينشن (هاءِ بلڊ پريشر ) جي شڪايت رهندي آهي، انهن ۾ اڳتي هلي ڊيمنشيا جو خطرو وڌي ويندو آهي.

ان تحقيقي ۾ ”يو ڪي بايوبينڪ“ کان تقريبن ڏيڍ لک ماڻهن جي صحت بابت تفصيلي انگ اکر گڏ ڪيا جيڪي 12 سالن تي ٻڌل هئا.

پهرين مرحلي ۾ تقريبن هر عمر جي 11،399 ڄڻن جي دماغي ايم آر آءِ اسڪينز جو جائزو وٺڻ تي خبر پئي ته جيڪي ماڻهو اڌ عمر ۾ هاءِ بلڊ پريشر جو شڪار رهيا هئا، انهن جا دماغ ننڍا ٿي ويا هئا.

ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ تفصيلي ۽ محتاط تجزيي تي انڪشاف ٿيو ته 35 کان 44 سالن جي عمر ۾ هاءِ بلڊ پريشر ۾ مبتلا رهندڙن ۾ ڊيمنشيا جو خطرو انهن ماڻحن جي ڀيٽ ۾ 61 سيڪڙو وڌيڪ هو جيڪي عمر جي ان حصي ۾ هاءِ بلڊ پريشر جو شڪار نه هئا.

واضح رهي ته ڊيمنشيا ڪنهن هڪ دماغي بيماري جو نالو نه پر اهودماغي خرابين جي مختلف ڪيفيتن جو گڏيل نالو آهي جن ۾ يادداشت جي خرابي، سوچڻ ۾ ڏکيائي ۽ روز جي معمول ۾ فيصلا ڪرڻ ۾ ڏکيائي وغيره نمايان آهن. ڊيمنشيا جو سڀ کان عام قسم الزائيمر بيماري آهي.

آمريڪن هارٽ ايسوسيئيشن جي ريسرچ جرنل ”هائپرٽينشن“ جي تازي پڌرائي ۾ ڇپيل ان تحقيق ۾ سائنسدانن خبردار ڪيو آهي ته گھٽ ۽ وچولي عمر ۾ هاءِ بلڊ پريشر تي سنجيدگي سان ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته ان ڊگھي مدي جا اثر ڪراڙپ ۾ سنگين دماغي مسئلن کي جنم ڏئي سگھن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.