فيسبڪ ۽ انسٽاگرام سروسز ٻيهر متاثر

سماجي رابطن جون  ويب سائيٽس فيس بڪ ۽ انسٽاگرام سروسز ٻيهر متاثر ٿي ويون جنهن سبب واهپيدارن کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو.

واضح رهي ته سماجي رابطن جون ويب سائيٽس فيس بڪ، واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام جون سروسز ڪجهه ڏينهن اڳ متاثر ٿيون هيون، اهڙيءَ طرح هڪ هفتي دوران فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جون سروسز ٻيهر متاثر ٿيون آهن.

فيس بڪ انتظاميا طرفان به سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان کي خبر آهي ته ڪجهه واهپيدارن کي اسان جي ايپس تائين پهچ ۾ ڏيکائي ٿي رهي آهي.

ٽوئيٽ بيان ۾ فيس بڪ انتظاميا موقف اختيار ڪيو ته اسان شين کي جلد کان جلد معمول تي آڻڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ ڪنهن به قسم جي تڪليف لاءِ مغذرت به ڪيون ٿا.

پاڪستان ۾ هيل تائين فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جون سروسز ٻيهر متاثر ٿيڻ جا اطلاع موصول ناهن ٿيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.