اُهي وٽامنز جيڪي جلد کي خوبصورت بڻائين ٿيون

هر انسان پنهنجي جلد کي خوبصورت بڻائڻ چاهي ٿو پر گھڻن ماڻهن کي خبر نه آهي ته اهڙي ڪهڙي شيءِ استعمال ڪئي وڃي جيڪا جلد کي صحتمند ۽ خوبصورت رکي.

هڪ عام خيال آهي ته وٽامن سي اسان جي جلد کي بهتر بڻائڻ ۽ نکارڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندي آهي پر ماهرن وٽامن سي کان علاوه ٻيون وٽامنز به اسان جي جلد لاءِ فائديمند قرار ڏنيون ويون آهن. انهن وٽامنز بابت ڄاڻڻ اوهان لاءِ ضروري آهي.

وٽامن اي

وٽامن اي جلد لاءِ هڪ ضروري غذائيت آهي ڇو ته ڪوليجن جي پيداوار کي وڌائڻ، ڪيراٽين جي پيداوار کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ جلد کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ڪندي آهي، اها جلد جي شفا ۽ جلد جي مرمت ۾ به مددگار آهي.

وٽامن اي پٽاٽي، پنن وارين ڀاڄين، بيضن، ڪدو ۽ گجر وغيره ۾ هوندي آهي، وٽامن اي چهري جي داغن، ايڪني، پگمينٽيشن، سنهڙين ليڪن ۽ گھنجن جهڙن مئسلن جي علاج ۾ به مک ڪردار ادا ڪندي آهي.

وٽامن اِي

وٽامن اِي هڪ طاقتور اينٽي آڪسيڊنٽ آهي جيڪا جلد تي سج جي هاڃيڪار اثرن کي گھٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪندي آهي، اها جلد جي سوڄ کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي آهي.

بادام، اخروٽ ۽ سورج مکيءَ جا ٻج وٽامن اِي جو هڪ وڏو ذريعو آهن جن کي اوهان پنهنجي خوراڪ ۾ شامل ڪري سگھو ٿا، وٽامن اي کي جلد تي ڪريم، لوشن ۽ سيرم جي شڪل به لڳائي سگھجي ٿو.

وٽامن بي ڪمپليڪس

وٽامن بي ڪمپليڪس، وٽامن بي جي مختلف شڪلن جو هڪ گروپ آهي (وٽامن بي3، وٽامن بي 5، وٽامن بي 6 وغيره) جيڪي اوهان جي جلد، وارن ۽ ننهن جي گڏيل صحت ۾ مدد ۽ بهتري آڻين ٿيون. اهي جسم کي ضروري فيٽي ايسڊ کي اثرائتي انداز ۾ استعمال ڪرڻ مدد ڪن ٿيون.

وٽامن بي ڪمپليڪس گوشت، بيضن، مڇي، جهنگن ۽ ٻجن ۾ هوندي آهي، بي ڪمپليڪس وٽامنز عام طور تي تجويز ڪيل وٽامن سپليمينٽ مان هڪ آهي.

وٽامن ڪي

وٽامن ڪي زخمن ۽ جتي سرجري ٿيل هجي ان کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندي آهي، ڪجهه مطالعن اکين جي ڪارن حلقن جي علاج ۾ وٽامن ڪي جي اهميت جو مشورو ڏيندا آهن.

وٽامن ڪي ٻين جُزن ۽ علاج سان گڏجي هڪ خاص حد تائين لاڳيتو نشانن، داغن ۽ ڪارن داغن جي علاج ۾ به مدد ڪندي آهي، اها وٽامن قدرتي طور تي پالڪ، سائين ڀاڄين، گوبي وغيره ۾ موجود هوندي آهي.

وٽامن ڊي

وٽامن ڊي اوهان جي جلد ۽ وارن جي صحت ۾ مک ڪردار ادا ڪندي آهي، اها قدرتي غذائي ذريعن جهڙوڪ، مڇي ۽ اناج ۾ هوندي آهي، ڏينهن ۾ 10 کان 15 منٽن تائين پنهنجي جلد کي سج جي سامهون رکي وٽامن ڊي جو مناسب مقدار به حاصل ڪري سگھجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.