ڪراچي:اداڪار عمرشريف جي لاڏاڻي تي پي ٽي آئي پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان

ليجنڊري اداڪار عمر شريف جي لاڏاڻي تي پي ٽي آئي پاران سنڌ ۾ ٽي ڏينهن سوگ جو اعلان ڪيو ويو آهي ، اپوزيشن ليڊر سنڌ اسمبلي حليم عادل شيخ سنڌ اسمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عمر شريف سموري دنيا کي کلائيندڙ ۽ خوش ڪندڙ  پاڪستان جو تمام وڏو اداڪار هو ، هو  اڄ پنهنجي مداحن کي روئيندو ڇڏي ويو آهي ، ھن چيو ته عمر شريف جي وڇوڙي تي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي سندس ڪمي ڪير  به پوري نٿو ڪري سگهي، عمر شريف پنهنجي فن جي ذريعي پوري دنيا ۾ پاڪستان جو ڳاٽ اونچو ڪيو. سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جا شڪر گذار آهيون جن عمر شريف جي علاج لاءِ قدم کنيا،  عمر شريف جهڙا فنڪار دنيا ۾ گهٽ پيدا ٿيندا آهن ،  هن چيو ته اڄ پريس ڪانفرنس ۾ اسان وڌيڪ ڪنهن به اشو تي نٿا ڳالهائڻ چاهيون، عمر شريف جي وڇوڙي تي پي ٽي آئي پاران سنڌ ۾ ٽن ڏينهن تائين ڪي به سرگرميون نه ڪندي ٽي ڏينهن سوگ ملهايو ويندو. ڏک جي گهڙي ۾ عمر شريف سميت ان جي مداحن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.