پڪا چانگ مان نوجوان ناري اغوا، 2 ڄڻا گرفتار

فيض گنج (ن ع آ) فيض گنج ٿاڻي جي حد پڪاچانگ  شھر مان عبدالڪريم ڀٽي جي گھر مان  3 ھٿيار بند ھٿيارن جي زور تي سندس نياڻي سترنھن سالن جي ندا ڀٽي کي محمد بخش چنو زا ھد چنو ۽ انور چنو اغوا ڪري ويا آھن اھڙو اطلاع اغوا ڄاڻايل ناري جي والد ڪريم ڀٽي فيض گنج ٿاڻي تي ڏنو آھي فيض گنج پوليس ڪارروائي  ڪندي مبينا اغوا ڪندڙ جي ڀاءُ  عبدالرزاق چنو سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آھي پوليس موجب اغوا ڄاڻايل ناري جي وارثن جي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آھي مالڪن جي مرضي موجب ڪيس پڻ داخل ڪيو ويندو، ٻئي پاسي شھر ۾ چوٻول آھي ته ناري پسند پرڻي لاءِ گھران نڪري وئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.