مٺي لڳ اسڪولي عمارت زبون، شاگرد پريشان

مٺي (بيوروچيف) مٺي ڀرسان گورنمينٽ مڊل اسڪول ڳوٺ جوڙوئو جي عمارت مرمت نہ ٿيڻ ڪري زبون حال بڻيل آهي،اسڪول 1990ع ۾  تعمير ٿي،2006ع ۾ مرمت ٿي،ان کانپوءِ وري مرمت نہ ٿيڻ ڪري زبون حال بڻيل آهي،برساتي پاڻي ڪمرن جي ڇت مان اسڪول اندر داخل ٿئي ٿو،ھيڊ ماستر سرجيت ميگھواڙ جو چوڻ آهي تہ اعلىٰ اختيارين کي ليٽر ذريعي آگاھ ڪيو ھو پر ڪوبہ عمل نہ ٿيو آهي،اسڪول ۾ چار استاد ۽ ٻيو عملو به موجود آھي،پڙھائي به بهترين هلي رهي آھي،90 کان مٿي شاگرد داخل آھن پر اسڪول جي بلڊنگ مرمت نه ٿيڻ جي زبون حالي جو شڪار ٿي ويئي آھي،اندر ويهي پڙھائڻ جي لائق نه آھي، اسڪول جي عملي سان گڏ ڳوٺاڻن به سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي تہ عمارت جي مرمت ڪرائي ڏني وڃي،عمارت جي اھڙي حالت ۾ ٻارن ۽ استادن جو ويھڻ ڪنھن خطري کان خالي ناھي،ڳوٺ ۾ روڊ جي سھولت نہ ھجڻ جي ڪري ٻارڙا ٻئي ڪنھن شھر ڏانھن بہ سفر ڪري پڙھي نہ ٿا سگھن،ان ڪري وس وارن تعليم جي وزير سردار شاه، تعليم جي سيڪريٽري اڪبر لغاري ۽ ضلعي انتظاميه کان مطالبو ٿا ڪيون ته عمارت جي مرمت ڪرائي ٻارن جو مستقبل تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.