ماحولياتي تبديلين جا راڱا ۽ ضلعو لاڙڪاڻو

تحرير: نصرت سڪندر

ٻيو ۽ آخري حصو

اتر سنڌ جي ٻين علائقن وانگر لاڙڪاڻي ضلعي جا ڳچ ٻيلا به ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ وڍرائي فطرت سان هٿ چراند ڪئي وئي، ته باقي بچيل ٻيلن تي موسمياتي اثرن تحت سواءِ ڪجهه سالن جي ”آليُن مُندن“ (وَيٽ اسپيلس) کانپوءِ ايندڙ ”خشڪ مُندن“ (ڊراءِ اسپيلس) اُگرا اثر پئي ڇڏيا آهن ۽ سنڌوءَ ۾ سوڪهڙي سبب اهي ٻيلا تباهه ٿيندا رهيا ۽ رهيل ٻيلا به تيزيءَ سان تباهه ٿي رهيا آهن. هتان جي ٻيلن سان ماحولياتي آزار سان گڏوگڏ ٻيلن سان هڪ ٻي ويڌن اها به آهي، ته قبضا مافيا عام زمين وانگر ٻيلن تي به قبضا ڪريو وڃي. 29 جُون 2014ع تي معروف انگريزي اخبار ”ڊان“ ۾ ڇپيل خبر مُوجب لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 12 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ ٻيلن جي ايراضيءَ تي قبضا مافيا قبضو ڪري ورتو آهي، جن کان اهو قبضو ڇڏائڻ وارو ڪوئي ناهي، جڏهن تہ صوبائي سرڪار پاران مسلسل ٺلهيون دعوائون ڪيون پيون وڃن ته قبضي ڪرڻ وارن سان منهن ڏيڻ لاءِ سمُورا قانوني طريقا استعمال ڪيا ويندا.

ٻيلا قدرتي ٻوڏن سان وڙهڻ لاءِ بيحد ڪارگر ثابت ٿيندا آهن، پر غير قانوني طور تي قبضي هيٺ آيل ٻيلن جي زمين ۾ وڻن جي اڻڪٿ واڍي نه رڳو هن علائقي ۽ آباديءَ کي امڪاني تباهيءَ ڏانهن پئي ڌڪي، پر پوري ”ايڪو سسٽم“ ۽ جهنگلي حيات کي پڻ مسلسل ڳرو نقصان رسائي رهي آهي. انهن سمورين انساني توڙي فطري هَلائُن کان ٻيلن کي بچائڻ لاءِ سنڌ جي ٻيلي کاتي کي ماحوليات جي بچاءَ واري کاتي (انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسيءَ) سان گڏجي جامع رٿابنديءَ سان ٻيلن جي بچاءَ لاءِ ان طرح حڪمتِ عملي جوڙڻي پوندي، ته جيئن اهي نه رڳو ٻوڏ وارين مُندن ۾ پنهنجو دفاعي ڪردار ادا ڪندا رهن، بلڪه سوڪهڙي جي مند ۾ به انهن جي بچاءَ جو جوڳو انتظام ٿي سگهي، ان ڏس ۾ وڻڪاري مهم ۾ وڻن جي پوکيءَ جون وڏي پيماني تي مهمُون هلائي ڪنهن حد تائين هن وقت تائين ٿيل نقصان جي ازالي جي سلسلي ۾ ڪوششون وٺي سگهجن ٿيون ۽ ڏُور رس پاليسين جي ترتيب ڏيڻ سان مثبت نتيجا پڻ حاصل ڪري سگهجن ٿا.

 لاڙڪاڻي ضلعي جي قديم آثارن جو جائزو:

آثارِ قديمه جومطلب آهي: جهونا نشان. اهڙا آثار، جن مان ان خطي جي تاريخ ۽ ان جي قديم ورثي بابت ڄاڻ ملي سگهي. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ملندڙ قديم آثارن مان ”مُهين جو دڙو“ هڪ بين الاقوامي سيّاحتي مرڪز هجڻ سان گڏوگڏ ”يونيسڪو“ پاران عالمي ورثو (ورلڊ ھيريٽيج) قرار ڏنل آثار آهي. مهين  جي دڙي جي پنج ھزار سالن کان به وڌيڪ پراڻيءَ تھذيب جا قديم آثار، ڏوڪريءَ شهر ڀرسان واقع آھن.

لاڙڪاڻي ضلعي جي ٻين قديم آثارن ۾ ”جُهڪر جو دڙو“ به آهي، جيڪو لاڙڪاڻي شهر کان 18 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. ڳچ ايراضيءَ تي پکڙيل هن دڙي جي کوٽائيءَ مان مليل ٺڪر جا ٿانو، ٽامي جا سِڪا، مُهرون ۽ ڀالا ان ڳالهھ جي نشاندهي ڪن ٿا، ته هي شهر، مهين جي دڙي جي تهذيب کان گهڻو پوءِ به آباد هو. جُهڪر جي دڙي مان پنجين صديءَ جا سڪا ۽ ٻڌ دؤر جو اسٽوپا پڻ هٿ آيو آهي. جُهڪر جي دڙي جي ويجهو ئي ’چوٽياريون دڙو‘ (راڻيءَ جو دڙو) پڻ موجود آهي. 50 فوٽن تائين اونچا نظر ايندڙ هي آثار گهڻي ايراضيءَ تي پکڙيل آهن، جن مان ڌاتوءَ ۽ ٺڪر جا ٿانو ٿپا ۽ سِڪا پڻ مليا آهن. لاڙڪاڻي جي آسپاس جي قديم آثارن ۾ ”خيرپور جوسي وارو دڙو“، ”ڌامراهن جو دڙو“ ۽ رتيديري ويجهو ”ڀانڊو قبو“ پڻ ملي ٿو. هي سمورا قديم ماڳَ، منفي ماحولياتي اثرن جي ڪري پنهنجو وجود وڃائي رهيا آهن. انهن منفي ماحولياتي اثرن ۾ سم ۽ ڪلر سبب ڪيل تباهي، برساتن سبب آثارن جي ٿيندڙ نقصان، لُڪَ، جهڪَ، جهولن ۽ طُوفانن جي ڪري پوندڙ ناڪاري اثرن سميت انساني عمل دخل جي ڪري به بي انتها نقصان ٿيو آهي، جنهن ۾ بي دردريءَ سان انهن آثارن جي ڀڃ ڊاهه، انهن مٿان نؤجوانن جي جٿن پاران موٽر سائيڪلون هلائڻ جهڙي ظلمَ ۽ انهن ماڳن جي ٺيڪراٺي، سِرُن ۽ پٿرن وغيره جي چوريءَ جهڙا شرمناڪ عمل به شامل آهن.

انساني هٿ چُراند سبب انهن آثارن تي پوندڙ اُگرن اثرن کي ته مقامي انتظاميه جي توجهه ۽ انهن پاران عمل هيٺ ايندڙ سخت پاليسين رستي روڪي سگهجي ٿو، پر موسمياتي تبديلين پاران پوندڙ اثرن جي حوالي سان ڪنهنجي به خلاف ڪارروائي نٿي ڪري سگهجي، البته پنهنجي زندگيءَ جي انداز مٽائڻ سان منفي ماحولياتي اثرن کي رُونما ٿيڻ کان ضرور بچائي سگهجي ٿو. سنڌ سرڪار جي نوادرات واري کاتي جي اختيارين مُوجب، مهين جي دڙي واري ڪل ايراضيءَ جي فقط 22 سيڪڙو حصّي جي کوٽائي ڪئي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته 100 سيڪڙو حصّو کوٽڻ کانپوءِ ان کي ماحولياتي اثرن کان بچائڻ پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ وڏو چيلينج آهي، جنهن تي پُورو نه لهڻ جي صُورت ۾ 5000 سالن کان وڌيڪ ان پراڻي تهذيب جي مڪمّل آثارن تان ڪجهه ڏهاڪن اندر هٿ ڌوئڻ جو امڪان به موجود آهي.

گذريل 50 سالن اندر تيزيءَ سان رُونما ٿيندڙ ماحولياتي تبديلين سبب عام انساني زندگيءَ سميت اسانجي خطّي، خاص طور لاڙڪاڻي ضلعي جي قديم آثارن تي پڻ منفي اثر مرتب ٿي رهيا آهن، جن کي انهن اثرن کان بچائڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي ثقافت، سيّاحت ۽ نوادرات واري کاتي پاران پرڏيهي ماهرن جي سهڪار ۽ صلاحن سان سنجيده نوعيت جا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، جن سان اسان پنهنجي ماضيءَ جي آئيني جو تحفّظ ڪري سگهُون ۽ حال جيان پنهنجي ماضيءَ تان هٿ ڌوئڻ کان پاڻ بچائي سگهون.

هن سال، 5 جون 2021ع تي پاڪستان ”ماحوليات جي عالمي ڏينهن“ تي منعقد ٿيل بين الاقوامي ڪانفرنس جي ميزبانيءَ جو اعزاز حاصل ڪيو، جنهن ۾ 12 رڪني بورڊ جي نگرانيءَ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان کي ”عالمي ماحولياتي فنڊ“ جي سربراهي پڻ ملي آهي، جيڪو اعزاز اسانکي پهريون  ڀيرو مليو آهي. جنهن ڪري مڪاني منفي ماحولياتي تبديلين کان بچڻ لاءِ ڪي اپاءَ وٺڻ اڻٽرٿي پيا آهن. ان ڪانفرنس جي ميزباني جتي ملڪ لاءِ هڪ مثبت ۽ خوش آئنده ڳالهه ۽ اهم اعزاز آهي، ساڳئي ئي وقت ملڪ جي ماحولياتي مسئلن کي حل ڪرڻ جي حوالي سان اسان تي هڪ ڳري ذميواري پڻ آهي، جنهن کي پاڪستان کي هر حال ۾ نباهڻو آهي. ان سان گڏوگڏ اهو هڪ سونهري موقعو به آهي ته ان اهم ذميواريءَ کي احسن نموني سان انجام ڏئي، ملڪ سميت خطّي کي درپيش ماحولياتي مسئلن جي انساني زندگيءَ، دريائن، سمنڊن، ڊيلٽا، زرعي زمين، صحرائن، جبلن، چرندن پرندن، ماڻهن مِرُن، موسم، قديم آثارن ۽ مستقبل سان سلهاڙيل خوابن جي تعبير تي پوندڙ منفي اثرن سان منهن ڏيڻ لاءِ سياست کان مٿانهون ٿي، اهڙيون گهٽ توڙي طويل مُدي واريُون پاليسيون ترتيب ڏجن، جن سان مستقبل محفوظ بڻائي سگهجي ۽ پنهنجي گهر (هن زمين) کي ايندڙ ڪئين سؤ نسلن لاءِ رهڻ لائق بڻائي سگهجي. ايندڙ نسلن لاءِ هڪ صاف سٿري ۽ گدلاڻ کان محفُوظ زمين کان وڌيڪ ٻيو ڪو قيمتي تحفو نٿو ٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.