صدارتي نظام رد ڪرڻ جو فيصلو تاريخ ساز آهي

ايڊيٽوريل

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، عدالت ۾ داخل هڪ درخواست ۾  عدالت کي اها گذارش ڪئي وئي هُئي ته عدالت ملڪ ۾ صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ متعلق حڪم جاري ڪري، کي رد ڪري ڇڏيو آهي. عدالت ۾ اهڙي درخواست احمد قصوري نالي هڪ وڪيل داخل ڪئي هُئي، جنهن ۾ هُن ملڪ ۾ پارلياماني جمهوري نظام کي رد ڪري ان جي جاءِ تي صدارتي نظام لڳو ڪرڻ جي اپيل ڪئي هُئي، سندس چوڻ هيو ته، مان آئين جوڙيندڙ ماڻهن مان آخري ماڻهو آهيان جيڪو زندهه آهيان ۽ مون ان وقت به ان آئين جي جڙڻ جي مخالف ڪئي هُئي. جسٽس عمربنديال جي سربراهيءَ ۾ قائم ٽن ميمبرن تي ٻڌل بينچ اهڙي درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ان کي رد ڪري ڇڏيو، عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته، درخواست گذار پنهنجي درخواست ۾ جيڪو نقطو اٿاريو آهي، اهو سياسي قسم جو آهي، ۽ ملڪ جو آئين جمهوري بنيادن تي جڙيل آهي، جنهن ۾ صدارتي نظام جي معاملي تي ڪابه رهنمائي نه ٿي ملي، عدالت جو اهو به چوڻ هيو ته، آئين ۾ عدالت کي اهڙو ڪوبه اختيار مليل نه آهي جو عدالت ملڪ ۾ صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪو فيصلو ڪري.

پاڪستان جي قيام کانپوءِ اها ملڪ جي بدقسمتي آهي ته ملڪ کي جمهوري آئين ملي نه سگهيو، ۽ ايندڙ پنجويهن سالن تائين هي ملڪ سواءِ ڪنهن آئين جي هلندو رهيو ، ورهاڱي کانپوءِ  پاڪستان کي مجموعي طور تي ٽي آئين مليا آهن، جن مان پهريون ، آئين 1956ع ۾ ٻيو آئين 1962ع ۾ ۽ ٽيون آئين 1973ع ۾ مليو جيڪو اڃان تائين جاري آهي، 1973ع جي آئين ۾ ارڙهين ترميم ذريعي اپريل 2010ع ۾ اهم تبديليون ڪيون ويون، جيڪي پارليامينٽ ذريعي ڪيون ويون، پاڪستان جي آئين جي تاريخ ۾ اها ملڪ بدقستي رهي آهي ته ملڪ کي پارليامينٽ ذريعي ملندڙ آئين به ڪيترائي دفعا آمر حڪمرانن ذريعي تبديل ۽ معطل پڻ ڪيو ويو، آئين موجب رياست جو سربراهه ملڪ جي صدر هوندو آهي، جڏهن ته ملڪ جو انتظامي اختيار وزيراعظم کي هوندو آهي، جنهن کي پارليامينٽ چونڊيندي آهي.

دنيا جي ملڪن جي هڪ انتهائي اڪثريت اڄ به جمهوري نظام تحت هلي رهي آهي، انهن ملڪن جو نظام انتهائي شاندار نموني هلي رهيو آهي ۽ اهي ملڪ تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيا آهن، جڏهن ته جن ملڪن ۾ صدارتي نظام قائم آهي، مثال طور آمريڪا ته انهن ملڪن ۾ به ملڪ جو عوام ئي ملڪ جي صدر کي چونڊيندو آهي، ۽ ملڪ جو وهنوار ملڪ جي ڪانگريس ۽ سينيٽ ذريعي ئي هلايو ويندو آهي.

سوال هي آهي ته ملڪ جي سياسي نظام ۾ عوام جي شرڪت ڪيئن ممڪن ٿئي ۽ موثر نموني ٿئي، اهڙي سوال جو اهو ئي جواب آهي ته جمهوريت ذريعي چونڊون دنيا جي سياست جو واحد ذريعو آهن جنهن ۾ عوام سياسي ماحول ۽ طاقت ۾ شامل رهي ٿو ۽ اهڙو نظام ئي دنيا ۾ پارلياماني نظام سڏجي ٿو، پر دنيا جي اڪثر ملڪن جي اها بدقستي رهندي آئي آهي ته انهن ملڪن جي سگهارين قوتن جيڪي عوام جي راءِ کي ڪنهن به طور تي قبول ڪرڻ جي حق ۾ نه آهن ۽ نه ئي وري انهن جي راءِ تي هلڻ جي حق ۾ آهن، انهن پنهنجن جمهوري ملڪن جا تختا اونڌا ڪري پاڻ ملڪ جي صدارت واري مسند تي ويهي رهيا ۽ دنيا کي اهو ئي محسوس ڪرائڻ لڳا ته انهن کان سواءِ ملڪ هلي ئي نه ٿو سگهي.

پاڪستان جي اها بدقسمتي آهي ته ملڪ جون سگهاريون ڌريون ملڪ ۾ جمهوري نظام کي ڪنهن به طور تي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، اهو ئي سبب آهي جو ملڪ ۾ تقريبن پنجٽيهن سالن تائين غيرجمهوري حڪومتون رهيون آهن، نتيجي ۾ ملڪ ۾ جمهوري نظام نه ته بحال رهي سگهيو آهي ۽ نه ئي وري اوسر ڪري سگهيو آهي، ڇو جو جمهوري نظام جا پنهنجا گهرج آهن جيڪي جيئن جيئن اوسر ڪندا آهن تيئن تيئن ملڪ جو سماج سگهارو ٿيندو ويندو آهي، ملڪ جي معيشت ۽ سماجيات ترقي ڪندي ويندي آهي، سياسي عمل پائدار ٿيندو ويندو آهي ۽ نتيجي ۾ ملڪ ۾ جاري جمهوري عمل پنهنجا نتيجا ڏيڻ شروع ڪندو آهي، اهڙا ثمر اسان دنيا جي انهن ملڪن ۾ ڏسي سگهون ٿا جتي جمهوريت پير کوڙي ترقي ڪري چڪي آهي، پاڪستان ۾ جيئن ته ڪافي سالن تائين غيرجمهوري حڪومتون رهيون آهن تنهنڪري غير جمهوري قوتن جا ساٿاري ماڻهو ۽ ادارا پڻ انهن جا ساٿاري رهندا آيا آهن، جيڪڏهن انهن کي ٻيو ڪو وجهه ڪونه ٿو ملي ته اهي ملڪ ۾ غير جمهوري سياسي نظام قائم ڪرڻ لاءِ عدالتن جو در پڻ کڙڪائين ٿا، جنهن جو مثال مذڪوره درخواست  آهي، اسان هن موقعي تي سپريم ڪورٽ جي اهڙي فيصلي کي انتهائي تعريف ۽ جوڳو سمجهون ٿا ۽ اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان ملڪ ۾ پارلياماني سياست ۽ جمهوريت جو مستقل انتهائي روشن رهندو، پر ان سلسلي ۾ اسان سپريم ڪورٽ جي گذريل اهڙن فيصلن جيڪي جمهوري نظام  لاءِ هاڃيڪار ٿيندا رهيا آهن، انهن جي نندا پڻ ڪنداسين ۽ اها گذارش ڪنداسين ته عدالت کي اهڙن فيصلن کان هرگز پاسو ڪرڻ گهرجي جيڪي ملڪ جي سياسي نظام کي نقصان پهچائن ۽ ملڪ جي سياسي نظام ۾ مداخلت هجن ٿا، ملڪ جي سگهارين قوتن کي ملڪ جي جمهوري نظام کي هاڃو پهچائڻ لاءِ معاون ثابت ٿين، ڇو جو عدالتن جا اهڙا فيصلا نه صرف عدالتن جي وقار کي ڇيهو رسائين ٿا پر ان سان گڏوگڏ ملڪ جي ڪروڙين عوام جي سياسي حق تلفيءَ سميت انهن جي مستقبل کي اونداهو ڪري ڇڏين ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.