داخلا ٽيسٽن ۾ ڪمپيوٽر جون ”ڪرامتون“!

تحرير: طلعت عباس خان

بلوچستان جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلائن لاءِ ٿيندڙ ٽيسٽن جي نتيجن ۾ ڪمپيوٽر جي فراڊ واري معاملي هلچل مچائي ڇڏي آهي، چيو پئي ويو ته ڪمپيوٽرائزڊ سسٽم  سان ڌانڌلين جو مڪمل طور تي خاتمو آڻي سگهجي ٿو، تنهنڪري ملڪ ۾ ٿيندڙ چونڊون پڻ اليڪشن ووٽنگ مشين ذريعي ڪرايون وڃن پر بلوچستان جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلائن جي نتيجن ۾ ٿيل ڪمپيوٽرائزڊ فراڊ اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته فراڊ ڪمپيوٽر ذريعي به ٿي سگهي ٿو . هونئن به ڪمپيوٽر سسٽم پيدائشي طور تي ئي معصوم هوندو آهي، اهو جنهن جي هٿ ۾ هوندو آهي، پوءِ اهو ان مان جيڪو ڪم وٺي ان جي مرضي آهي، جيئن انسان جو ٻار جنهن به ماحول ۾ اک کوليندو آهي، پوءِ اهو ئي اثر قبول ڪندو آهي جيڪو ماحول کيس ملندو آهي، جيڪڏهن اهو ڪرپٽ هٿن ۾ هوندو آهي ته پوءِ ظاهر آهي غلط نتيجا ئي ڏيندو آهي.

تازو ئي بلوچستان جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلائن لاءِ ٽيسٽن جي نتيجن ۾ جيڪي ڪمپيوٽر ذريعي گهوٻيون هنيون ويون ۽ نتيجن ۾ ڦير ڦار ڪئي وئي، جيڪي غلط نتيجا ڏنا ويا انهن نه صرف والدين ۽شهرين کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي پر ان سان گڏوگڏ حڪومت کي به حيران ڪري ڇڏيو آهي. چيو ٿو وڃي ته ڪمپيوٽر ذريعي جيڪي ٽيسٽ ورتا ٿا وڃن انهن ۾ ٽيسٽ وٺندڙ ڪرپشن ڪري خاص شاگردن کي اهڙا نمبر الاٽ ڪن ٿا جن تي آسان سوال هوندا آهن ۽ وري عام شاگردن لاءِ انتهائي مشڪل ۽ ڪورس کان ٻاهر جا سوال هوندا آهن، اهڙي نموني جن شاگردن کي پاس ڪرائڻو هوندو آهي انهن کان آسان سوال واري سيٽ نمبر تحت سوال پڇيا ويندا آهن، اهو ڪمپيوٽر جي ڪرپشن جو انتهائي حيران ڪندڙ انڪشاف آهي.

ڪمپوٽر جي اهڙن نتيجن کي نه ته ڪو چيلينج ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي انهن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي سگهجي ٿي ۽ نه ئي وري اهڙن نتيجن کي رد ڪرائي سگهجي ٿو، اهڙن نتيجن ۾ اهي شاگرد جيڪي امير والدين جا هيا ۽ نااهل ۽ نالائق هيا اهي ته انتهائي چڱي نموني ڪامياب ٿيا پر جيڪي شاگرد غريب گهراڻن جا ۽ اهل هيا اهي ڪامياب ٿي نه سگهيا، جڏهن ته اهڙي امتحان ۾ اهڙن شاگردن کي پڻ ويهڻ جي اجازت ڏني وئي جن اڃا ايف ايس سي جو امتحان ته ڏنو هو پر اڃان انهن جا نتيجا اچي نه سگهيا هيا، چيو ٿو وڃي ته اهڙي ٽيسٽ لاءِ هر شاگرد کان ڇهه هزار روپيه في ورتي وئي جڏهن ته امتحان ۾ پنج لکن کان وڌيڪ شاگرد شامل ٿيا، اهڙي نموني شاگردن کان ٽي ملين روپيه وصول ڪيا ويا، جڏهن ته شاگردن کي ڪا سهوليت به نه ڏني وئي، اهڙا ٽيسٽ شادي گهرن ۽ نجي اسڪولن ۾ ورتا ويا جتي نه ته پکي جي سهوليت هُئي ۽ نه ئي وري روشنيءَ جو ڪو مناسب انتظام هو، ۽ امتحاني پرچن ۾ وري ڪيترائي سوال ڪورس کان ٻاهر جا شامل ڪيا ويا هيا، جڏهن ته ڪافي سوالن کي ٻيهر پڻ دهرايو ويو ۽ وري جي انهن جي نشاندهي ڪئي وڃي ته انهن جي درستگيءَ جو به ڪو انتظام موجود نه هيو، جڏهن ته اهو پڻ چيو پيو وڃي ته شاگردن کان جن ماڻهن امتحان ورتا هيا اهي تعليم جي شعبي سان به وابسطه نه هيا جنهن تي شاگردن احتجاج پڻ ڪيو.

ان معاملي کي ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو آهي جنهن کانپوءِ ڌرين کي نوٽس پڻ جاري ٿي چڪا آهن، اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته شاگردن کان ٽيسٽ وٺڻ جو ڪانٽريڪٽ جنهن ڪمپنيءَ کي ڏنو ويو آهي ان ڪمپنيءَ کي ٽيسٽ وٺڻ جو اشتهار جاري ٿيڻ کانپوءِ رجسٽرڊ ڪرايو ويو آهي، جيڪا سنگل مين ڪمپني آهي جنهن کي اهڙي قسم جا ٽيسٽ وٺڻ جو ڪوبه تجربو نه آهي، جن ماڻهن ان ڪمپنيءَ جي اڪيلي سربراهه کي ٺيڪو ڏنو آهي، اهي انهيءَ خدمت ۾ برابرشريڪ آهن.

سڄي  دنيا ۾ سائنس انساني ترقيءَ لاءِ بنيادي ڪردار ادا ڪري رهي آهي پر اسان وٽ وري ڪرپشن ۽ جا درواز کولي رهي آهي، جنهن سان مالدار والدين جا ٻار پنهنجي پيءَ جي پئسي تي ڊگريون حاصل ڪري سواءِ اهليت جي سماج جي عذاب بڻجي وڃن ٿا ته وري ٻئي طرف غريب گهراڻن جا انتهائي لائق شاگرد ڪامياب نه ٿا ٿين جنهن جي لاءِ ڪري نه صرف انهن جا والدين ذهني عذاب واري زندگي گذارين ٿا پر ان سان گڏوگڏ معاشرو پڻ انهن جي نااهليءَ ڪري تڪليف ۾ ورتل رهي ٿو. ناڪام ٿيندڙ انتهائي لائق شاگردن لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه ٿو رهي ته پنهنجون توانائيون جلسن جلوسن ۽ احتجاج ڪندي ضايع ڪن، شاگرد جيڪڏهن جلوس ڪڍن ٿا ته مارجي ٿا وڃن، پوليس جي هٿان لٺيون کائي زخمي ٿين ٿا ۽ گرفتار ٿي پوليس جي قيد ۾ اچي وڃن ٿا.

شاگردن سان اهڙي اذيت ۽ توهين واري سلوڪ تي ڪرپٽ ماڻهن کي ڪوبه احساس نه ٿو ٿئي، سڄي  دنيا ۾ شاگردن ۽ والدين لاءِ نرسريءَ کان وٺي يونيورسٽيءَ جو دور هوندو آهي، پرڏيهي دنيا ۾ ٻار جڏهن پنهنجي گريجوئيشن مڪمل ڪرڻ کان رڳو ڪجهه ئي مهينا پوئتي هوندا آهن ته اتان جون ڪمپنيون کين نوڪريون ڏئي چڪيون هونديون آهن ۽ اهڙي نموني اهي شاگرد ڊگري وٺي سماج جي ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪندا آهن. ان کانپوءِ اهي شاگرد جيڪي عهدن تي فائز ٿي ويا اهي وري بهتر زندگيءَ ۽ روزگار لاءِ پنهنجو ملڪ ڇڏي دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هليا ويندا آهن، اهري نموني انهن ۽ سندن جي والدين جي وچ ۾ هڪ وڇوٽي جنم وٺندي آهي، ان کانپوءِ جڏهن اهي پاڻ پنهنجن ٻچن وارا ٿي ويندا آهن ته وري پنهنجي ملڪ ۽ والدين جي خدمت جي جذبي جي ڪارڻ وري پنهنجي ملڪ واپس اچي ويندا آهن، پر جڏهن اهي واپس پنهنجي ملڪ ۾ ايندا آهن ته هو اتي ملڪ جي ڪرپٽ نظام جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ مجبور ٿي وري پنهنجي ملڪ کي ڇڏي ويندا آهن.

دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ ٻارن کي وڌ کان وڌ سهولتون ڏنيون وينديون آهن ته جيئن بهتر تعليم حاصل ڪري سگهن، انهن کي سٺيو لائبرريون، سٺا اسڪول ۽ سٺا ڪاليج فراهم ڪيا ويندا آهن، جڏهن ته اسان جو سسٽم ٻارن لاءِ ذهني ٽارچر کان سواءِ ڪجهه به نه آهي، پر افسوس آهي ته اسان ان ظلم تي ڪڏهن به ڪو آواز نه ٿا اٿاريون.

مون بلوچستان جي شاگردن جي حوالي سان پنهنجن ڪجهه حساس طبيعت جي ڊاڪٽر دوستن کي انتهائي پريشان ڏٺو آهي، انتهائي بي وس ڏٺو آهي اهري صورتحال ۾ اسان سڀني کي پنهنجو پنهنجو آواز بلند ڪرڻ گهرجي، جيڪي ماڻهو ان ڏس ۾ ڪو آواز نه ٿا اٿارين، انهن کي جاڳائڻ گهرجي، افسوس ته اهو آهي ته اقتدار ۾ ويٺل اسان جا نمائندا اڃان اکيون بند ڪيون ويٺا آهن.

بلوچستان جي ڪمپيوٽر فراڊ واري ڪيس ته اليڪشن ڪميشن جي ڪيس کي انتهائي مضبوط ڪري ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن، مخالف ڌر ۽ شهري پڻ اهو ئي چوندا رهن ٿا ته جيستائين ڪمپيوٽرن کي هلائڻ وارن ماڻهن تي ضابطو نه ٿو آندو وڃي تيستائين ڪمپيوٽر کي به فراڊ ڪرڻ کان روڪي نه ٿو سگهجي ڇو جو ڪمپوٽر به ته ماڻهو ٿا هلائين. ميڊيڪل ڪاليجن ۾ شاگردن جي امتحان ۽ انهن جي نتيجن ۾ جيڪو فراڊ ڪيو ويو آهي، ان جو مقصد ته اهو ئي ٿو ٿئي ته ڪمپيوٽر به فراڊ کي روڪي نه ٿو سگهي. پاڪستان ميڊيڪل ڪائونسل جون اختياريون ( آءِ ايم سي اي ٽي ) امتحانن جي نتيجن ۾ فراڊ کي ڏسندي به خاموش آهن، شاگردن ۽ ڊاڪٽرن جون تنظيمون سراپا احتجاج آهن، والدين پريشان آهن، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته عدالت جو فيصلو ڪهڙو ٿو اچي، پر حقيقت اها آهي ته هرسال پاڪستان شاگردن جي قابليت جا نمبر ڊالر وانگر وڌي رهيا آهن ته وري ٻئي پاسي شاگردن جي صلاحيت روپئي وانگر گهٽجي رهي آهي، اسان کي هاڻي خبر پئي آهي ته ائين ڇو ٿو ٿئي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.