جڏھن ڳوٺ پنهون خان چانڊيو جا 16 ڳوٺاڻا ايم آر ڊي تحريڪ ۾ شھيد ڪيا ويا

تحرير: جاويد قاضي

سڪرنڊ شهر کان صرف چئن ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي اٺٽيهھ سال اڳ اڄوڪي ڏينهن 29 سيپٽمبر 1983 تي ان وقت جي ڊڪٽيٽر حڪمران جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لا خلاف ايم آر ڊي جي سڏ تي جمهوريت جي بحاليءَ لا۽ جدوجهد ڪندڙ،  احتجاج دوران شھيد ٿيندڙن جي ياد ۾ کين ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ قومي شاهراھ تي ڳوٺ پنهل خان چانڊيو ۽ حاڪم چانڊيو جا ڳوٺاڻا پاڪ ڪتاب کڻي قرآن خواني ڪري رهيا هئا ته ان دوران فوجي گاڏين ۾ سوين اهلڪار اوچتو اچي پهتا جيئن ئي فوجين جون گاڏيون پهتيون ته ڪٿان فائرنگ جو آواز آيو، اها فائرنگ ڪنهن ڪئي اهو به هڪ سوال آهي پر فوجين کي محسوس ٿيو ته مٿن فائرنگ جي ڪوشش آهي بس پوءِ ان فائرنگ کي جواز بنائي فوجي دستن انهن پرامن قرآن خواني ڪندڙن مٿان انڌا ڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ سورنهن ڳوٺاڻا ٿڏي تي شهيد ٿي ويا ۽ ڳوٺ جي چڱي مڙس پنهل خان چانڊيو ۽ سندس پٽ غلام عباس چانڊيو سميت ڪيترن ئي ڳوٺاڻن کي تشدد کانپوءِ گرفتار ڪري کڻي ويا لاش روڊ تي پيا رهيا کانپوءِ ۾ سائين جي ايم سيد جي فرزند، سياست ۽ سماج سڌارڪ سائين امداد محمد شاهه انتظاميه سان ڳالهائي لاش وٺي غسل، ڪفن ڏئي وارثن حوالي ڪري دفنايا.

جيڪي ڳوٺاڻا شھيد ٿيا انهن ۾ ٺارو چانڊيو، رجب چانڊيو، علي شير چانڊيو، غلام مصطفيٰ چانڊيو، پير بخش چانڊيو، عرس چانڊيو، صديق چانڊيو، گلاب چانڊيو،هاشم چانڊيو،جانب خاصخيلي، ميرو خاصخيلي، علي گل خاصخيلي، رمضان خاصخيلي، محبوب سولنگي، الله رکيو سولنگي ۽ حسين بخش مڱڻھار شامل هئا واقعي کانپوءِ بي بي سي لنڊن جي نمائندي مارڪ ٽيلي امداد شاھ سان رابطو ڪري سڪرنڊ پهتو جنهن کانپوءِ ان وقت جي سينئر صحافي مرحوم قاضي سرفراز احمد سنائي سان گڏ واقعي جي مڪمل ڪوريج جيڪا خبر هلڻ کانپوءِ جابر حڪمران ڪاوڙجي پيا جيڪي امداد شاھ ۽ مارڪ ٽيلي کي ڪجھه نه ڪري سگهيا باقي سينئر صحافي قاضي سرفراز سنائي جي گهر تي چڙهائي ڪري کين کنڀي کڻي ويا جيڪو هڪ هفتو آرميءَ جي عتاب ۽ قيد ۾ رهڻ کانپوءِ سائين جي ايم سيد ۽ قاضي عبدالمجيد عابد جي ڪوششن سان قاضي آزاد ٿي گهر پهتو. هوڏانهن پنهون خان چانڊيو ۽ حاڪم چانڊيو جا جانثار پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي هميشه لاءِ امر بڻجي ويا هئا جن ۾ چانڊيا، خاصخيلي، سولنگي  ۽ مڱڻھار برادري جا جوڌا شامل هئا تن جي قرباني جو ڦل اڄ تائين پيپلز پارٽي جا اڳواڻ جمهوريت ۽ حڪومت جي صورت ۾ حاصل ڪري رهيا آهن.

واقعو ڪيئن ٿيو ۽ شهيدن جي وارثن کي پيپلزپارٽي حڪومت ڇا ڏنو يا جيڪي زخمي ٿيا يا معذور ٿيا انهن جي وارثي ٿي يا نه يا اهي ڪهڙي حال ۾ آهن اهو هڪ ڊگهو بحث آهي پر سدائين ورسيءَ جي موقعي تي ٻڌندا آهيون ته شهيدن جي وارثن کي ڪجھه نه مليو پر ورسي گذرڻ کانپوءِ نه اهي ماڻھو ظاهر ٿيندا آهن ۽ نه ئي شهيدن جي وارثن مان ڪو دانهن ڪندو آهي جنهن مان لڳي ٿو ته  شهيدن جي وارثن جي پوئواري ٿي آهي هن وقت ڏک ان ڳالھه جو آهي ته جن شهيدن جي قربانين جي ڪري جمهوريت مضبوط ٿي ۽ پيپلز پارٽي ۾ سڪرنڊ جي شهيدن جي ڪري تاريخ جڙي ٿيڻ ايئن کپندو هو ته شهيدن جي نالي تي هڪ يادگار جڙڻ کپي ها جنهن جو بار بار ميڊيا ڌيان پڻ ڇڪائيندي رهي آهي پر اڃا تائين يادگار نه جڙي سگهيو آهي جڏھن ته پارٽي لاڳيتو اقتدار ۾ پڻ رهي آهي پر خبر ناهي يادگار جوڙڻ  ۾ ڪهڙي رڪاوٽ آهي.

ڪيتريون ورسيون ايئن به ٿيون آهن جن ۾ حڪمرانن پڻ شرڪت ڪئي آهي هن ورسي کي سرڪاري سطح تي هر سال لازمي طور ملهائڻ جو اعلان ٿيل هجي خير وري به شاباس آهي ايم پي اي غلام قادر چانڊيو کي جيڪو پنهنجي وت ۽ وس آهر شهيدن کي ياد ڪندو اچي اڄ به شهيدن کي ياد ڪرڻ لاءِ سندن قبرن تي دعا ۽ حاضري جو پروگرام رٿيل آهي باقي آخر ۾ هڪ ڳالھه مان ايم پي اي غلام قادر چانڊيو کي ضرور چوندس ته جيئن اوهان جي پوزيشن ۾ اڳي ۽ هاڻي ۾ فرق آهي اهو فرق شهيدن جي قبرن تي به نظر اچڻ گهرجي ٿيڻ ته يادگار مزارون کپن پر جي ايئن نٿا ڪري سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ شهيدن جو قبرون ته پڪيون ڪرائي سگهو ٿا، اميد ته ان پاسي ڌيان ڏنو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.