سيد امداد محمد شاهه جو ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڪردار

تحرير: غلام حسين جوڻو

سيد امداد محمد شاهه برک سياستدان هو. سندس شخصيت سماج جي سڌاري ۽ اصلاح لاءِ هر وقت پاڻ پتوڙيندي رهي. پاڻ سنڌي ماڻهن کي بدحاليءَ مان ڪڍي خوشحالي طرف وٺي وڃڻ جو خواهشمند هو. هن ڏينهن رات ڀلائي جا ڪم ڪيا. عوام کي روڊن ۽ رستن جي سهولت وٺرائي ڏيڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيائين. سندس خيال هو ته ، روڊ رستا ٺهڻ سان ٻهراڙي ۽ ڳوٺن جي ماڻهن جي رابطي ڪرڻ ۾ آساني پيدا ٿئي ٿي. ڪنهن به هنگامي حالت ۾ ٻهراڙي جا ماڻهو شهرن تائين پهچڻ ۾ ڪا به دقت محسوس ڪونه ڪندا. بيماري سيماري جي حالت ۾ ، شهر جي وڏين اسپتالن تائين سولائي سان پهچي سگهن ٿا. سندن زرعي جنسون به مارڪيٽ ۾ بنا ڪنهن رنڊڪ جي پهچي سگهن ٿيون. ان کان علاوه ٻهراڙي جي وڏن ڳوٺن ۾ اسپتالون به کولرايائين ته جيئن اتان جي ماڻهن کي علاج جي سهولت ملي سگهي. ان کان علاوه تعليم جي سهولت لاءِ هر ننڍي توڙي وڏي شهر ۽ ڳوٺ ۾ تعليمي ادارا کولرايائين. خاص ڪري پنهنجي چونڊ تڪ ۾ وڌ ۾ وڌ عوام جي خدمت ڪيائين. انهيءَ خدمت کان ڪڏهن به قاصر ڪونه رهيو. ياد رهي ته سائين امداد محمد شاهه پنهنجي حياتي ۾ ، جن ماڻهن کي سرڪاري نوڪريون وٺرائي ڏنيون. سي سموريون غريبن ، مسڪينن کي بنا ڪنهن ذات پات ۽ مذهب ۽ فرقي جي ڏياريائين. اهڙي طرح انهن جي گهرن ۾ چلهيون ٻرڻ لڳيون ۽ هاڻ اهي کيس دعائون ڪندا رهن ٿا. هونئن به هتان جو عوام ، کيس اڄ به ياد ياد ڪندو رهي ٿو ۽ وسارڻ جي ڪونه ٿو گهري.

ضياءُ الحق جي قهري دور ۾  پنهنجي ماڻهن کي سهارو پئي ڏنو ۽ چيائين پئي ته ڪو به خوف ۽ خطرو محسوس نه ڪريو. شاهه صاحب فوجي انتظاميه سان رابطو ڪرڻ ۾ دير ڪونه ڪئي. پنهنجي سر جو سانگو لاهي. اهلڪارن سان وڃي مليو ۽ ڳوٺ پنهل چانڊيو جي شهيدن جا  لاش وصول ڪيائين. اهي لاش وارثن ۽ پونئيرن جي حوالي ڪيائين. سندن تدفين جي سمورين رسمن ۾ به آخر تائين شرڪت ڪيائين ته جيئن انهن جي تدفين ڪرڻ مهل پونئيرن کي ڪو خوف ۽ ڊپ محسوس نه ٿئي ۽ هو، دل هاري نه ويهن. ان سڄي لقاءَ ۾ ، جيڪو سيد امداد محمد شاهه ڪردار ادا ڪيو. سو، وسارڻ جوڳو ڪونه آهي. اهو ، سندس عظيم ڪارنامو آهي. جنهن کي ڪير مڃي يا نه مڃي پر، تاريخ ۾ ان حوالي سان ، سندس ذڪر ضرور لکجي چڪو آهي. اسان جو ايندڙ نسل به اها پڙهي سيد امداد محمد شاهه کي ضرور خراج عقيدت پيش ڪندو ۽ سندس هن عظيم ڪارنامي کي ياد ڪندو رهندو.

29 سيپٽمبر 2004 ع تي هي ڏيهه ڇڏيو. سندس مزار ڳوٺ مجيد ڪيريو تعلقي سڪرنڊ جي ڀرسان ديهه 6 ماروي ۾ مرحوم جي زرعي زمين ۾ موجود آهي. جيڪا هر ايندڙ ، ويندڙ نگاهه جو مرڪز بنيل آهي. هن ڏينهن تي ڪيترائي ماڻهو مزار تي اچي حاضري ڀرين ٿا. گلن جون چادرون چاڙهين ٿا ۽ دعائون گهرندا رهندا آهن. قرآن خواني به ڪئي ويندي آهي. خيرات جي ماني به تقسيم ڪئي وڃي ٿي. استادن ۽ شاگردن جا وڏا جٿا به مزار تي دعا گهرڻ لاءِ ايندا آهن. ساڳئي ڏينهن شام جو سمس اسڪول مجيد ڪيريو ۾ هر سال هڪ تقريب ڪئي وڃي ٿي. جنهن ۾ سيد امداد محمد شاهه کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سوين ماڻهو گڏ ٿين ٿا. هن سال به پروگرام رٿيل آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.