آءِ بي اي ٽيسٽ ۽ سنڌ جي ٻهراڙي جا اميدوار

تحرير: وقار راهمون

سنڌ جي ٻهراڙي ۾ تعليم جو معيار گهٽ آهي، معني پڙهائي ڪونهي. ٻهراڙين ۾ ٿر، ڪوهستان، سامونڊي پٽي ۽ ڪاڇي سميت سنڌ جي سرحد وارا علائقا خاص طور تي شامل آهن. منهنجو ڳوٺ ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ڏيپلي جي ڳوٺ ڳالهائو ۾ آهي، اسان جي يوسي ڊاڀڙو راهمان آهي. اتي پڙهائي انتهائي گهٽ آهي، 50 سيڪڙو اسڪولن ۾ استاد ناهن، باقي بچندڙ 50 سيڪڙو اسڪولن ۾ صرف هڪ استاد آهي، جنهن وٽ 200 کان به وڌيڪ ٻار آهن. هاڻي توهان پاڻ ٻڌايو اڪيلو استاد هيترن ڇوڪرن کي ڪهڙا مضمون پڙهائيندو؟. اسان جي اڄ جي نوجوان جي سڄي تعليم اهڙي صورتحال ۾ ٿي آهي.

آئون پرائمري ڳوٺ پڙهيس، جتي استاد صرف سنڌي پڙهائي، سا به گرامر نه ۽ نه وري لفظن جون معنائون. سبق خالي پڙهي ڇڏيندا هئاسين ۽ بيت ڪو ڪو ياد ڪندا هئاسين. البته اتي اکرن جي لکائي تي زور هو، اسڪول جو اڌ کان گهڻو وقت تي پيا لکندا هئاسين. حساب به ونڊ، جوڙ، ڪٽ ۽ ضرب ۽ کوڙا 12 تائين سيکاريا ويا. سائنس نه سمجهائي، سماجي اڀياس نه پڙهائي وئي، اخلاقيات نه ٻڌائي وئي ۽ نه وري اسلاميات پڙهائي وئي. اڳتي مڊل تائين آئون ڳوٺ ڳور واري جي اسڪول ۾ پڙهيس، پر اتي به استادن جي کوٽ رهي  ۽ اسان انگريزي بس پڙهڻ جي حد تائين سکي سگهياسين، صرف ڪجهه انگريزي لفظن معنيٰ سکي، باقي انگريزي به سمجهي ڪونه. جي استاد ڪاپين تي سائنس يا سماجي ڀياس جا سوال به لکرائيندا هئا (ڇو ته تعليمي عملدارن جي آمد جي صورت ۾ کين ڪاپيون ڏيکاري مطئمن ڪيو ويندو هو ته پڙهائي هلي پئي، جڏهن ته عملدار پاڻ به اڪثر کائوپٽ ڏٺاسين. ماکي جو شيشو، تترن جي جوڙي، سچي اجرڪ ۽ ڪجهه هزار، بس امتحان ۾ پاس ) ته سمجهائيندا نه هئا، نتيجي ۾ اسان ڪورا پئي رهياسين.

مون مئٽرڪ ڊاڀڙي هاءِ اسڪول مان ڪئي، اتي استادن جو چڱو تعداد مقرر هو پر جيئن ته اسان جو بنياد ڪجهه نه هو، انڪري ڪئمسٽري، بائيولاجي، فزڪس، ميٿ ۽ ٻين سبجيڪٽس کي سمجهي نه سگهياسين ۽ نتيجي ۾ پڙهائي ۾ دلچسپي به ڪو نه هئي. ڪاپي ڪرائي اسان کي پاس ڪرايو ويو. انٽر ڪراچي مان ڪئي، جتي اچي پنهنجي لاعلمي جو پتو پيو. سچ پڇو جيڪي 10 سال گذري ويا، انهن جي ڀرپائي هاڻي عمر ڀر نٿي ڪري سگهجي.

هاڻي ان مٿين پسمنظر ۾ ٻهراڙي جو تمام گهٽ معيار واري ماحول ۾ پڙهيل شاگرد اعلي معيار جي ٽيسٽ ڪيئن ڏئي سگهندو؟. جنهن شاگرد کي توهان اسڪول ۾ استاد ڪونه ڏنا ته اهي کيس ميٿ، سائنس ۽ ٻيا مضمون پڙهائي سگهن ته ان شاگرد کان توهان اها تقاضا ڪيئن ٿا رکو ته اهو هر مضمون ۾ 45 مارڪون کڻڻ وارو شرط پورو ڪري. سڀ حيران ٿي چون پيا سنڌ جي تعليم جو معيار ڪري پيو، اسان ته چئون ٿا اسان وٽ ته مٿيون معيار آهي، نه مڃو ته اچو توهان کي وزٽ ڪرايون، ٿر جي مقامي ماڻهن سان ملايون ۽ توهان کي پتو پئي ته معيار جي گهٽتائي ڪيتري ٿي سگهي ٿي ۽ ان گهٽتائي جو عڪس اسان استادن جي ٽيسٽن ۾ ڏٺو، اسان جي يوسي ۾ 13 سيٽن تي صرف 12 اميدوار 67کان 40 مارڪون کڻي سگهيا آهن.اهي به پريشان آهن ته الاهي پاس آهيو يا نه؟. هنن ۾ به اڪثريت انهن اميدوارن جي آهي جيڪي يا ته يونيورسٽي مان پڙهيل آهن يا پاڻ ڪٿي استاد طور پڙهائن ٿا. باقي ٿر جو گهڻو نوجوان ته مئٽرڪ ۽ انٽرڪ تائين تعليم وارو هئڻ سبب مٿين ٽيسٽن ۾ ويهي نه سگهيو.

اسان اهو به نٿا چئون ته آءِ بي اي وارن ڏکي ٽيسٽ ڪڍي يا انصاب کان ٻاهر ڪڍي،(البته سنڌي ٻولي جي مضمون ۾ آءِ بي اي وارن ادب جي حوالي سان ڪجهه  غلطيون ڪيون، مثال جيڪي صنفون ادب ۾ آهن ئي ڪو نه، هنن اهي به متعارف ڪرايون جيئن صنف حوالو، صنف مقالمو وغيره) پر اسان اهو چئون ٿا ته جن اميدوارن کان توهان ٽيسٽ وٺو پيا انهن جي تعليمي معيار کي به ته ڏسو نه، جيڪو ڪراچي جي اعليٰ انگريزي اسڪول ۾ پڙهيو ۽ جيڪو ٿر جي جهوپڙي ۾ پڙهيو، ڇا انهن ٻنهي جي تعليم ڪهڙي جهڙي هوندي.

جيئن ته ٻهراڙي ۾ تعليم جو معيار ناهي تنهنڪري ٻهراڙي جي شاگردن جو حق ٿئي ٿو ته انهن کي سرڪار رعايت ڏئي، ڇاڪاڻ ته اها رعايت تعليم جي حق ۾ آهي، مثال هڪ ٻيو  يوسي ۾ ٻي يوسي  جو اچي نه پڙهائيندو، تنهنڪري اتي جي مقامي نوجوانن کي حق ڏيو، انهن کي ڀلي 40 کان 35 تائين پاس ڪريو، ڇو ته اميدوار ئي آهن جيڪي اڳ يا پوءِ ايندا، ٻيا ڪي آسمان مان اچي ٽيسٽ نه ڏيندا. جيڪي دانشور 45 ۽ 55 جي پاليسي تي اٽڪيل آهن انهن کي عرض آهي ته ٿر يا ڪنهن ٻي ڏورانهن علائقي ۾ وڃو اتي تعليمي حالت جو مشاهدو ڪريو ۽ پوءِ پاڻ ويهي فيصلو ڪريو ته ٻهراڙي جا ڇوڪرا حق تي آهن يا نه؟. جڏهن معياري پڙهايو ئي نه ويو ته معياري ٽيسٽ ڪيئن وٺندا؟.

اهو سنڌ سرڪار جو تعليم کاتي جو فرض آهي ته جن ٻهراڙي جي ڇوڪرن سان تعليم جي ميدان ۾ زيادتي ٿي، کين پنهنجا تعليمي حق نه مليا، مثال مون سائنسدان بڻجڻ پئي چاهيو پر وقت تي بنيادي علم نه ملڻ سبب آرٽسٽ ٿيڻ تي مجبور ٿيس. انهن اميدوارن جو روزگار جو حق ته نه ماريو وڃي، ڇو ته ٽيسٽن ۾ جيڪي 40 تائين نمبر کڻي چڪا آهن، اهي انهن علائقن جا سڀ کان پڙهيل لکيل دماغ آهن، هن مٿين صورتحال جي تناظر ۾ سنڌ جي ٻهراڙي جا هزارين ڇوڪرا تعليم کاتي واري وزير سردار شاهه ۽ سيڪريٽري اڪبر لغاري کان مطالبو ڪن ٿا ته سندن تعليمي صورتحال کي ڏسندي کين 35 کان 40 تائين پاس ڪيو وڃي، شاگرد دشمن 45 وارو شرط ختم ڪيو وڃي. هنن نوجوانن کي موقعو ڏنو وڃي هي ضرور ثابت ڪندا ته جيئن هنن کي تعليم ميدان ۾ ڏڪار پلي پيو تيئن هي علم جي ميدان ۾ وسڪارا وسائي ڇڏيندا.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.